192

عمرڪوٽ ڀرسان ٽرڪ ڪار مٿان ڪلٽي، 2 ڄڻا چيڀاٽجي فوت، عورت سوڌو 2 زخمي

عمرڪوٽ (رپورٽ: اشوڪ ڪمار) عمرڪوٽ ميرپورخاص روڊ تي پٿورو ٿاڻي جي حد ۾ بچاءِ بند اسٽاپ وٽ ڏکويندڙ روڊ حادثو پيش آيو آھي، جتي ٽرڪ مھراڻ ڪار مٿان ڪري ڪلٽي ٿي پئي،ر

 جنھن جي نتيجي ۾ مهراڻ ڪار ۾ سوار ڀيل برادري جا ٻه نوجوان رائمل ولد لڇمڻ ۽ ڊرائيور ڀورو ولد اميدو ڀيل موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ساڻس گڏ گڏي زال گهمن ڀيل، گهمن پٽ مانسنگهه ڀيل سخت زخمي ٿي ويا، اطلاع ملڻ تي پٿورو پوليس ۽ ڀرپاسي جا سوين ماڻھو حادثي واري ھنڌ پُھچي ويا، جن فوتين جا لاش ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال پٿورو آندو ويو، جتي فوتين جي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏھن ته زخمين کي طبي امداد ڏني ويئي، ھڪ زخمي گهمن ڀيل کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي، جڏھن ته فوتين جا لاش سندس ڳوٺ ٻارھون ميل پُھچايا ويا، جتي گھرن ۾ روڄ راڙو ۽ قھرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳوار ماحول ڇائنجي ويو، جڏھن ته پيش آيل روڊ حادثي جو رات دير تائين ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو، ٽرڪ ڊرائيور موقعي تي فرار ٿي ويو، پوليس ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏي آھي، بدنصيب ڪار ۾ ڀيل برادري جي هڪ ئي خاندان جا ماڻهو سوار هئا، جيڪي سنڌڙي لڳ ٻارهون ميل اسٽاپ جا رهواسي هئا، جيڪو سامارو ڀرسان حنيف آباد وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو