ڄامشورو (رپورٽ: حاڪم چانڊيو) نوري آباد ويجهو ايم نائن موٽر وي تي وين ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ ڪري ٻن عورتن سوڌو 3 مسافر فوت ۽ ٻن ٻارڙن سوڌو 10 مسافر زخمي ٿي پيا آهن، ڪي/ڏسو صفحو 7 بقايا نمبر 33
ڊي اي اسڪيم سامهون نوري آباد ٿاڻي جي حد ۾ ٿيل حادثي جي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي فوري طور تي ٽراما سينٽر نوري آباد منتقل ڪيو ويو آهي، جتان زخمين کي فوري طبي امداد ڏئي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جتي فوتين مان ٻن جي سڃاڻپ ريشمان زال حاجي خيرمحمد ۽ امير علي پٽ ٻيجل ويٺل دريا خان مري ضلعو نوشهروفيروز طور ٿي آهي، جڏهن ته هڪ عورت جي هي خبر موڪلڻ تائين سڃاڻپ نه ٿي سگهي سگهي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ نادر ولد هادي بخش رند سعيد آباد، ضميران ڌي خير محمد، اياز علي پٽ حاجي خادم بروهي، عبدالستار پٽ محمد هاشم سومرو، ميرحسين، ميرحسن پٽ لکاڏنو ڪوريجو، عبدللطيف پٽ محمد رفيق راجپوت، سهانا ڌي نادر، افسانا ۽ عابده ڌيئر نادر علي، راشده ڌي امير بخش 2 ٻارڙا ذيشان پٽ حاجي خام بروهي ۽ وقار پٽ عبدالستار شامل آهن، اسپتال ذريعن موجب ٻن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. وين ڪراچي کان ٺري ميرواهه وڃي رهي هئي ته ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، موٽر وي پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.