119

آصف علي زرداري ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي بختاور ڀٽو جو مڱڻو 27 نومبر تي ڪراچي ۾ٿيندو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي بختاور/
 جو مڱڻو  27 نومبر تي ٿيندو. بختاور ڀٽو زرداري جي مڱڻي جي تاريخ طئي ٿيڻ جو آصف علي زرداري اعلان ڪري ڇڏيو آهي. بختاور  ڀٽو  جو مڱڻو 27 نومبر تي ڪراچي ۾ محمود چوڌري سان ٿيندو، محمود چوڌري آمريڪا ۾ رهندڙ واپاري يونس چوڌري جو پٽ آهي. دعوت نامي ۾ مهمانن کي ڪورونا کان بچاءَ کان احتياطي اپائن جو مشورو ڏنو ويو آهي، جڏهن ته سڀني مهمانن کي تقريب ۾ شرڪت کان 24 ڪلاڪ اڳ ٽيسٽ ڪرائي ڪورونا نه هئڻ جي تصديق ڪرڻ  جي اسڪين ڪاپي بلاول هائوس کي موڪلڻ جو به چيو ويو آهي. تقريب ۾ مهمانن کي موبائل فون رکڻ ۽ تصويرون ڪڍڻ جي به اجازت نه هوندي. دعوت نامي موجب سڀني مهمانن کي رڳو بلاول هائوس جي آفيشل فوٽوگرافر جون ٺاهيل تصويرون ڏنيون وينديون. {�Ҧ��S

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو