129

ايس ايسو اظّهار ڪيو پيو وڃي. ان حوالي سان سياسي سمپا امشل ميڊيا تي پوسٽونڪ پي امجد شيخ کي مبارڪون

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر) ڪنڌ ڪوٽ ڪشمور واقعي ۾  پوليس جي ڪامياب ڪاروائين تي سڄي ضلعي اندر پوليس کي سلام پيش سياسي سماجي اڳواڻن  وحشي جوابدار جي مارڻ  ۽ ٻئي جي گرفتاري ٿي خوشي جو اظّهار ڪيو پيو وڃي. ان حوالي سان سياسي سماجي تنطيمن پاران ايس ايس پي امجد شيخ جي حمايت ۾  سوشل ميڊيا تي پوسٽون رکي سلام پيش ڪري پوليس جي ڪيل ڪاروائي کي سارايو آهي. ڪالهه ڪنڌ ڪوٽ شهري اتحاد جي وفد لالا شمس الدين پٺاڻ، سيٺ نندلال، سردار لياقت علي خان ملڪ، لياقت علي کوسو سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ وفد ايس ايس پي آفيس پهتو. جڏهن ته ڪيترن ئي سياسي سماجي شخصيتن پاران ايس ايس پي امجد شيخ کي گلن ۽ پئسن جا هار پارائي داد ڏنو ويو. ان موقعي تي ايس ايس پي امجد شيخ چيو ته ڪنڌڪوٽ جي صحافين ۽ شهري سياسي سماجي ۽ عام ماڻهن  جو ٿورائتو آهيان، جن ساٿ ڏنو، عزت ۽ مان بخشيو، اهڙي دل ڏکائيندڙ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ آڻي متاثر عورت ۽ سندس معصوم نينگري کي انصاف ڏياريو آهي، ضلعي اندر وحشين ۽ بدمعاشن کي ڪنهن به صورت ۾  برداشت نه ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو