110

”را“ پاڪستاني سياستدانن کي نشانو ڪري سگهي ٿي: شيخ رشيد

لاهور (م ڊ ) ريلوي واري وفاقي  وزير شيخ
رشيد چيو آهي ته ڀارت ملڪ ۾ دهشتگردي جو ڪو به وڏو  واقعو ڪري سگهي ٿو. ڀارت جي ڳجهي ايجنسي ”را“ پاڪستاني سياستدانن کي نشانو ڪري سگهي ٿي. اهڙو اظهار هن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته سياستدان پنهنجي سيڪيورٽي جو خيال رکن، ”را“ ڪنهن کي به نقصان پهچائي سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف جي ته سياست ئي ختم ٿي وئي ۽ مريم نواز به نا اهل آهي، هاڻي مريم نواز ڳالهين لاءِ پي ڊي ايم جي ڇٽيءَ جو سهارو ورتو آهي. پاڪ فوج” جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“ موجب ئي جواب ڏيندي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو