248

ڪجهه قوتون گلگت بلتستان ۾ ووٽ چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن: بلاول ڀٽو

گلگت (م ڊ) گلگت  ۾پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ نون ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي اهم ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي چونڊن ۽ پي ڊي ايم جي تحريڪ بابت ڳالهيون/ڏسو صفحو 7 بقايا نمبر 21
 ڪيون. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿيڻ نه ڏني ويندي، ذريعن موجب نوازشريف جي تقريرن بابت بلاول ڀٽو جي بيان تي به خيالن جِي ڏي وٺ ڪئي وئي، مريم نواز ۽ بلاول پارڪ ۾ گهمندي به ڳالهه ٻولهه ڪئي، ملاقات ۾ پ پ جي شيري رحمان، مصطفيٰ نواز کوکر، نون ليگ جي شاهد خاقان عباسي، پرويز رشيد، احسن اقبال، مريم اورنگزيب شرڪت ڪئي. ٻي پاسي ان کان اڳ گلگت جي علائقي بارگو  ۾ هڪ ميڙ کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو  چيو ته ڪجهه قوتون گلگت بلتستان ۾ ووٽ چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن کي به ووٽ چوري ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، اسين گلگت بلتستان جي عوام جي وڄ ۾ بيٺا آهيون ۽ انهن جي ووٽ جو  پوريءَ ريت حفاظت ڪنداسين. هاڻي جيڪو گلگت بلتستان ۾ حڪومت ٺاهيندو اهو ئي پاڪستان ۾ به حڪومت ٺاهيندو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو آهي ته پهرين جيڪي پارٽيز چور دروازي کان اقتدار ۾ اينديون هيون، هاڻي اُهي به عوام کان ووٽ گهري رهيون آهن، اها اسان جي جدوجهد جي ڪاميابي آهي، 15 نومبر تي پ پ جي فتح جو جشن ملهائينداسين، هوڏانهن ن ليگ جي اڳواڻ مريم نواز نگر ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي  چيو ته نواز شريف، مريم نواز ۽ ن ليگ ڄمي بيٺي آهي ته ظلم اڳيان نه جهڪنداسين. حڪومت کي ڪو ٻيو پيو هلائي هي رڳو ڪرسي تي ويٺا آهن. ظالم حڪمران جي ذهن تي رڳو انتقام سوار آهي. هن چيو ته اهڙو ڪو ظلم نه آهي جيڪو نواز شريف تي نه ٿيو، نواز شريف هر ظلم برداشت ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم کي غريب جو ڪو احساس نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته هي حڪومت جا آخري لوڏا آهن، سال جي آخر تائين وڃڻ واري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو