104

سنجيدگي کاhomepage10و ممڪن ناهي: ڊي سي گهوٽڪي

ميرپورماٿيلو (ڊ ر) ڊپٽي ڪمشنر گهوٽhomepage10هي ته اڻٿڪ محنت ۽ سنجيدگي کان بغير پوليو وائرس جو ختم ٿيڻ ممڪن ناهي انڪري اسان سڀني کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن خطرناڪ وائرس جي پاڙ پٽي سگهون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ پوليو مهم جي حوالي سان ڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪوٺايل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾  اسسٽنٽ ڪمشنرن، رينجرز ۽ پوليس عملدارن، مختيارڪارن، ڊي ايڇ او الطاف احمد لھراڻي ۽ اسٽاف آفيسر ڊاڪٽر وقار ڏهر ۽ ميڊيڪل آفيسرن توڙي لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي ڊپٽي ڪمشنر ڳالهائيندي چيو ته هلندڙ سال دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 81 پوليو ڪيس ظاهر ٿيڻ سان ڳڻتي پئي ٿئي انڪري اسان کي الرٽ رهي پوليو مهم دوران ضلعي جي سمورن ٻارن سميت خانه بدوش توڙي ضلعي مان گذرندڙ مسافر ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ گهرجن ته جيئن ڪو به ٻار پوليو جي ڦڙن کان محروم نه رهي. ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هن عوام کي پڻ اپيل ڪندي چيو آهي ته  مهم دوران گهر گهر ايندڙ پوليو ٽيمن سان مڪمل تعاون ڪيو وڃي ته جيئن سندن ٻار خطرناڪ وائرس کان هميشه لاءِ محفوظ رهي سگهن. ان سلسلي ۾ جيڪڏهن ڪٿي پوليو ٽيم نه ٿي پهچي يا پوليو مهم  جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي شڪايت آهي ته ڪنٽرول روم جي نمبر 0723661748 تي اطلاع ڏنو وڃي ته جيئن مهم دوران پيش ايندڙ مسئلن کي بروقت حل ڪري سگهجي. ان کان اڳ پوليو مهم جي ڊسڪٽرڪٽ فوڪل پرسن ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 30 نومبر کان 6 ڊسمبر تائين جاري رهندڙ پوليو مهم دوران ضلعي جي 4 لک 10 هزار 466 ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارينداسون ان حوالي سان سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ان سلسلي ۾ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. گڏجاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ فيلڊ ڪوآرڊينيٽر ڊي ايڇ سي الطاف احمد گجر، ڊبليو ايڇ او جي ڊاڪٽر رياض اختر ۽ يونيسيف جي رحيم گڏاڻي پڻ شرڪت ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو