اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) پاڪ فوج جي
ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ ڀارتي ادارن جي ملوث هجڻ، پابندي پيل تنظيمن سان مالي سهڪار، انهن تنظيمن جي ڪارڪنن کي سکيا ۽ هٿيار ڏيڻ ۽ ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٽارگيٽس جي نشاندهي ۽ پئسن جي منتقلي بابت ثبوت پڻ ميڊيا کي ڏيکاريا. پريس ڪانفرنس ۾ دهشتگردن ۽ ڀارتي ڳجهن ادارن جي عملدارن جي ڳالهه ٻولهه جي رڪارڊنگ ۽ وڊيوز به ميڊيا کي ڏيکاريون ويون.
125