توقير حسين
پاڪ آمريڪا لاڳاپن لاءِ جوبائيڊن جو صدارتي دور ڪيئن رهندو؟ اهو ڪيترن ئي عملن ڀاڙي ٿو، ان ۾ ڪجهه عمل معلوم آهن ۽ ڪجهه نامعلوم. نامعلوم عملن ۾ سڀ کان اهم ٽرمپ جي تباهه ٿيل پرڏيهي پاليسي مان اڀرندڙ نئين پرڏيهي پاليسي هوندي، پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ خدشا چين بابت آمريڪي پاليسي تي هوندا،چين بابت پاليسي جا امڪان ڄاڻڻ لاءِ سڀ کان اڳ ته اسان کي قديم يونان جي ڪنهن تاريخدان جي ان نظريي کي هڪ طرف رکي ڇڏڻ گهرجي ته جڏهن هڪ نئين طاقت ڪنڌ کڻي ٿي ته پهرين طاقت ان تي حملو ڪري ڇڏي ٿي، تاريخ جي تمسيل عام طور تي اڌ سچائي تي ٻڌل هوندي آهي ۽ اسان اڪثر ٻئي اڌ کي ڏسي رهيا هوندا آهيون، حقيقت اها آهي ته آمريڪا ۽ چين جا لاڳاپا انتهائي ڏکيا ۽ گهڻن محاذن وارا آهن هي ٻئي ملڪ هڪٻئي جا سياسي ۽ جاگرافيائي مخالف آهن ۽ چين هاڻ آمريڪا جي مقامي سياست جو حصو بڻجي چڪو آهي، آمريڪا ۾ چين کي ان جي ٽيڪنالاجيڪل برتري لاءِ خطرو ۽ نوڪري واري طبقي جون نوڪريون ختم ڪرڻ جو ذميوار سمجهيو وڃي ٿو، ان باوجود به انهن ٻنهي ملڪن جي معيشت هڪٻئي تي ڀاڙي ٿي ۽ عالمي معاملن جي حل لاءِ انهن ٻنهي ملڪن جي ڀائيواري اهم هوندي آهي، هتي جاگرافيائي سياست ۽ معاشي قومپرستي جو مقابلو جاگرافيائي معيشت ۽ عالمي برتري سان هو، ٽرمپ چين کي صرف هڪ سياسي مخالف جي طور تي ئي پيش ڪرڻ نامناسب سمجهيو پر ان نظريي کي هاڻ تبديل ٿيڻ گهرجي، جيڪي ماڻهو ان بابت ڳڻتي ۾ آهن ته آمريڪا اسان يعني پاڪستان کي آمريڪا يا چين مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻ جو چوندو ته اهڙن ماڻهن کي ان بابت وڌيڪ گهرائي سان سوچڻ گهرجي. جوبائيڊن چين کي دشمن بدران مقابلي ۾ بيٺل جي طور تي ڏسندو، جنهن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ دوبدو يا سڌو وڙهڻ بدران ٻيو ڪو رستو اختيار ڪيو ويندو، ويجهڙ ۾ ئي آمريڪي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ بائيڊن چيو هو ته چين کي خطري جي طور تي نٿو ڏسي پر روس جي حوالي سان بائيڊن هڪ سخت پاليسي ضرور اختيار ڪندو، پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان روايتي خيال رکندڙ جوبائيڊن روس ۽ چين سان ڇڪتاڻ وارا لاڳاپا نٿو رکي سگهي، ڪورونا کانپوءِ تباهه ٿيل معاشي حالتن سبب کيس چين سان هڪ سٺي معاشي ڀائيواري جي ضرورت آهي ان جو وڏو سبب اهو آهي ته هن وقت عالمي واڌ ۾ چين هڪ اهم ملڪ آهي ۽ ايندڙ دورن ۾ به رهندو، جوبائيڊن جي ڌيان جو مرڪز گهرو صورتحال هوندي ڇو ته ان مان ئي سندس پرڏيهي پاليسي جي راهه نڪرندي، پاڪستان کان اهو مطالبو ڪرڻ ته هو آمريڪا يا چين مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪري ان کي چين جي وڌيڪ ويجهو ڪري ڇڏيندو، آمريڪا پنهنجي انتهائي ويجهن اتحادين کي به ڪڏهن اهڙي چونڊ واري امتحان ۾ ناهي وڌو، آمريڪا ۽ چين ٻئي وچ اوڀر ۽ ايشيائي تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪرڻ چاهين ٿا ۽ پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي هي ٻئي ملڪ آمهون سامهون اچن ٿا، پاڪستان مڪمل طور تي چين تي ڀاڙي رهي نٿو سگهي ۽ حقيقت اها آهي ته آمريڪا ۽ ڀارت جا لاڳاپا ڪنهن به طور تي نه ئي پاڪ-آمريڪا لاڳاپن جي وضاحت ڪن ٿا ۽ نه ئي خطي ۾ آمريڪا کي موجود چئلينجن کي، شايد آمريڪا پاڪستان کي چين جو هڪ ڪمزور اتحادي ڏسڻ چاهيندو هجي پر گڏوگڏ هو پاڪستان کي ايترو مضبوط به ڏسڻ چاهي ٿو جو اهو آمريڪي مفادن لاءِ مددگار ثابت ٿئي. هتي پاڪ-آمريڪا لاڳاپن جي تاريخ جو هڪ حوالو ڏيڻ مناسب هوندو ته تاريخي طور تي انهن لاڳاپن جو ٻن مان ڪو هڪ نتيجو نڪتو آهي، يا ته ڪنهن معاملي تي اتفاق ٿيڻ تي آمريڪا پاڪستان کي ڪو انعام ڏنو آهي يا وري ڪنهن معاملي تي اتفاق نه ڪرڻ تي ان کي سزا ڏني آهي ۽ اهو سڀ تڏهن ٿيو آهي جڏهن پاڪستان کان ان جي ذمي ڏنل ڪم ورتو ويو هجي، پر نائين اليون کان پوءِ انهن لاڳاپن ۾ موجود ڪوتاهيون ۽ خاميون ضرور ظاهر ٿينديون ويون آهن. مسئلن کي گهڻائي ڊگهي عرصي تائين گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ ان حقيقت سبب ته اتفاق ۽ عدم اتفاق مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهي، نه ئي انعامن کي ختم ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ئي سزا کي، هي لاڳاپا هڪ ئي وقت ۾ ڀائيواري ۽ تضاد جو شڪار هئا، ڇو ته پاڪستان آمريڪي مفادن جو سهولتڪار به هو ۽ ان ۾ رخنو وجهندڙ به، ۽ وري افغانستان ۾ آمريڪي پاليسين جي ناڪامين جو ملبو به پاڪستان مٿان وڌو ويندو هو. پر هاڻ نه ئي اهو ڪارو وقت واپس ايندو ۽ نه ئي پراڻا ماڊل ورجايا ويندا. افغانستان مان آمريڪي فوج جي واپسي، ڀارت ۾ هلندڙ گهرو معاملا، ڀارت جي چين سان چڪرين، پاڪستان سان ان جو جارحاڻو رويو ۽ ٻين عالمي تبديلين کي ڏسندي چئي سگهجي ٿو ته هاڻ نيون حقيقتون وجود ۾ اچي چڪيون آهن. يقيني طور تي آمريڪا کي افغانستان جي معاملي ۾ پاڪستان جي مدد ضرورت رهندي. آمريڪا کي پاڪستان جي ائٽمي اثاثن جي حفاظت جي حوالي سان به ڳڻتي لاحق آهي ۽ اهو چاهيندو ته پاڪستان انتهاپسندن خلاف وڌيڪ سخت قدم کڻي، آمريڪا ڪشمير مسئلي ۾ به دلچسپي رکي ٿو پر ان جي حل لاءِ ڪجهه به نه ڪندو، آمريڪا کي ان مسئلي سان ته ڪو به سروڪار نه آهي، پر ان سان پيدا ٿيندڙ بحران بابت ضرور ڳڻتي رهي ٿي.بائيڊن انساني حقن بابت به ڳڻتي جو اظهار ڪري سگهي ٿو، جوبائيڊن ”ڪيري لوگر“ بل جو اصل خالق هو، هو ڄاڻي ٿو ته پاڪستان سان انهن معاملن تي ڪم ڪرڻ لاءِ ڀائيواري جو هڪ اهڙو فريم ورڪ تيار ڪرڻو پوندو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي مفادن جو تحفظ هجي ته جيئن ڊگهي مدي وارا لاڳاپا قائم رهي سگهن. امداد ذريعي لاڳاپن ٺاهڻ وارو دور هاڻ ختم ٿي ويو آهي، ان هوندي به پاڪستان جي معيشت کي ڏسندي معاشي ڀائيواري جا امڪان موجود آهن، ٻطرفن لاڳاپن جو مستقبل جيترو پاڪستان تي ڀاڙي ٿو ايترو ئي آمريڪا تي به ڀاڙي ٿو.