170

ٽرمپ جو شڪست مڃڻ کان انڪار ۽ ڇڪتاڻ طرف وڌندڙ آمريڪا

امين لاکو

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تازين چونڊن ۾ پنهنجي شڪست کي تسليم ڪرڻ کان  انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ٽرمپ جو چوڻ آهي ته چونڊون اڃا ختم نه ٿيون آهن ووٽن جي ڳڻپ هلندڙ آهي ۽ آخر ۾ سندس ئي سوڀ ٿيندي، جڏهن ته نئين چونڊيل صدر ٽرمپ پاران چونڊن ۾ شڪست تسليم نه ڪرڻ کي شرمندگي جو سبب قرار ڏنو آهي، اڃا تائين آمريڪي چونڊن جا سرڪاري نتيجا ظاهر نه ٿيا آهن ۽ آزاد ميڊيا جي ذريعن ۽ مقامي چونڊن جي عملدارن آمريڪا ۾ نئين صدر لاءِ جوبائيڊن کي ڪامياب قرار ڏنو آهي، پر آمريڪا ۾ جنهن قسم جون حالتون آهن، ان ۾ اقتدار جي پرامن طريقي سان منتقلي داءَ تي لڳل آهي ۽ حالتون في الحال ته ڇڪتاڻ طرف ويندي نظر اچي رهيون آهن، جيتوڻيڪ آمريڪي سياست تي گهري نظر رکندڙ عالمي ماهر ان جو امڪان گهٽ ڏيکارين ٿا ته ڪو آمريڪا گهرو ويڙهه طرف ويندو پر بهرحال آمريڪا سميت سڄي دنيا ۾ ان نقطي تي پڻ بحث هلي رهيو آهي ته جيڪڏهن صدر ٽرمپ وائيٽ هائوس خالي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏي ٿو ته پوءِ آمريڪا جون حالتون ڪهڙي طرف وينديون، وائيٽ هائوس ۾ هارايل قرار ڏنل ٽرمپ چونڊن ۾ بيضابطگين جون دعوائون ته ڪيون آهن پر اڃا تائين ڪنهن منظم ڌانڌلي جا ثبوت نه ملي سگهيا آهن ۽ اهو ثابت نه ٿي سگهيو آهي ته نتيجن تي ڪهڙي طرح ۽ ڪير اثرانداز ٿيو آهي، جيتوڻيڪ ٽرمپ جي الزامن کانپوءِ آمريڪي اٽارني جنرل چونڊن ۾ مبينا بي قاعدگين جي جاچ جو حڪم به ڏنو آهي پر آمريڪي چونڊ عمل ۽ قانونن تي نظر رکندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو حڪم ان وقت تائين صرف بيان تائين محدود هوندو جيستائين الزام هڻندڙ ڌر ان بابت ڪي ثبوت نه ڏئي سگهي، اچو ته ڏسون ته آمريڪا جي 244 سالن جي تاريخ ۾ اهڙو عمل پهريون ڀيرو ٿيو آهي، جيڪڏهن آمريڪي چونڊن تي گهرائي سان نظر رکي وڃي ته اهڙو عمل پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي، ان کان اڳ به آمريڪا چونڊن جي تاريخ ۾ 2 ڀيرا اهڙو عمل ورجايو ويو آهي، تاريخ ۾ اڳ به هڪ اهڙي تڪراري چونڊ ٿي چڪي آهي جنهن ۾ ٽن اميدوارن وچ ۾ ڪاميابي بابت فيصلو ڪرڻ ڏکيو بڻجي ويو هو ۽ آمريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو چونڊ نتيجا هڪ سال کانپوءِ سامهون آيا هئا. آمريڪي جمهوريت ان اصول تي قائم سمجهي وڃي ٿي ته هتي اقتدار هڪ فرد کان ٻئي فرد تائين قانون تحت پرامن انداز ۾ منتقل ٿي وڃي ٿو، ان ڪري ٽرمپ پاران چونڊ نتيجا نه مڃڻ جي اعلان سبب ملڪ ۾ سياسي هلچل موجود آهي، آمريڪا بهادر جيئن ته دنيا جو سپر پاور ملڪ آهي، ان ڪري اتي جي حالتن جو سڄي دنيا تي اثر پوي ٿو ۽ آمريڪا ۾ هلندڙ اهڙي ڇڪتاڻ دنيا جي ٻين ملڪن جي حڪمرانن لاءِ ذهني دٻاءَ جو ڪارڻ بڻيل آهي، ڇو ته آمريڪي چونڊن ۾ 2 مختلف نظرين ۽ پاليسين وارا حڪمران ويٺل آهن، هڪ ڊونلڊ ٽرمپ جيڪو ريپبلڪن جي قومپرستي واري نظريي کي اڳتي کڻي هلي ٿو ۽ ٻيو جوبائيڊن آهي جيڪو سوشل ڊيموڪريٽڪ نظريو رکندڙ پارٽي کي اڳتي کڻي هلي ٿو، ڊونلڊ ٽرمپ جي اقتدار جا 4 سال جتي سڄي دنيا لاءِ ڏچي جو سبب بڻيل رهيا آهن، اتي سندس پاليسين، ورتاءَ ۽ نفرت واري سلوڪ سبب آمريڪا به ورهائجي وئي آهي ۽ اهڙي ورهاست ۾ هارجڻ باوجود به ٽرمپ 7 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن جا ووٽ کڻي انهن جو هيرو ضرور آهي، دنيا ۾ هن وقت اهو بحث هلي رهيو آهي ته جيڪڏهن ٽرمپ وائيٽ هائوس ڇڏڻ کان انڪار ڪري ٿو ته آمريڪا ۾ پوءِ ڪهڙيون حالتون هونديون.يا وري جيڪڏهن ٽرمپ پنهنجي صدارت برقرار رکڻ لاءِ رياستي سيڪيورٽي فورسز جو استعمال ڪيو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ان سوال بابت هڪ عالمي ميڊيا واري اداري سان ڳالهائيندي آمريڪا ۾ قومي سلامتي جي پاليسي ۽ قانونسازي جي ماهر پروفيسر ڊڪوٽا روڊسل چيو آهي ته اقتدار ۾ رهڻ لاءِ جيڪڏهن هڪ صدر ظاهري شڪست کانپوءِ به پهرين طاقتن جو ناجائز استعمال ڪري ٿو ته ان سان جمهوري روايتون تباهه ٿي وينديون ۽ موجوده حالتن ۾ ائين ٿيڻ ناقابل فهم نه آهي، هو چوي ٿو ته ان سان ملڪ ۾ سول-ملٽري لاڳاپن جا اهم اصول ۽ عالمي سطح تي جمهوريت جي تصور کي نقصان پهچي سگهي ٿو، هن چيو ته سندس راءِ ۾ ائين ٿيڻ جا امڪان انتهائي گهٽ آهن ته ٽرمپ صدارت سان جڙيل رهندو ۽ کيس سيڪيورٽي فورسز جي حمايت حاصل ٿيندي، ڇو ته فوجي اهلڪار آئين سان وفاداري جو حلف کڻن ٿا، اهي ڪنهن سياستدان سان وفاداري جو حلف نٿا کڻن، ملڪ ۾ سڀ کان اعليٰ عهدي تي مقرر فوجي عملدار جوائنٽ چيفس آف اسٽاف چيئرمين جنرل مارڪ ملي وري وري چيو آهي ته آمريڪي چونڊن ۾ فوج جو ڪو به ڪردار نه هوندو. پروفيسر ڪيشا بلين چوي ٿي ته صرف اها ڳالهه جنهن تي اسان غور ڪريون پيا ته ڇا فوج چونڊن ۾ مداخلت ڪندي، ان خيال سان ئي افسوسناڪ صورتحال جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. 4 سال اڳ آمريڪي ان ڳالهه تي سوچيندا به نه هئا پر اسان ڏٺو ته ڪيئن ٽرمپ پورٽ لينڊ ۽ واشنگٽن ۾ مظاهرن دوران وفاقي اهلڪارن کي مقرر ڪيو، اهو هڪ سنيجده معاملو آهي، مون کي نٿو لڳي ته اها صورتحال ٻيهر به ٿيندي، پر هلندڙ سال جيڪو ڪجهه به ٿيو آهي ان کي نظر ۾ رکندي اسان اهڙي امڪان کي رد نٿا ڪري سگهون. آمريڪي ميڊيا ۾ اهي به خبرون هلن پيون ته وفاقي فوج مقرر ڪرڻ تي جنرل ملي ٽرمپ کي قائل ڪيو هو ته هو 1807ع ۾ بغاوت روڪڻ واري ٺهندڙ ايڪٽ جو استعمال نه ڪري جنهن سان سڄي ملڪ ۾ مظاهرن کي روڪڻ لاءِ فوجي اهلڪارن کي متحرڪ ڪري سگهجي ٿو. خبرن مطابق اها اها حد آهي جيڪا ڪيترائي آمريڪي فوجي ٽپڻ نٿا چاهين، جيڪڏهن آمريڪي صدر ان جو حڪم ڏئي تڏهن به فوجي پنهنجي حد ۾ رهڻ کي ترجيح ڏين ٿا ۽ فوج جي اهڙي رويي کي ڏسي ئي ٽرمپ پورٽ لينڊ ۽ واشنگٽن ۾ نيشنل گارڊ جي دستن کي استعمال ڪرڻ جو حڪم ڏنو  هو. ڪجهه به هجي آمريڪا ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ سبب گهرو ويڙهه جو خدشو به موجود آهي، هوڏانهن جوبائيڊن جيڪو چونڊ جي متوقع نتيجن ۾ فاتح قرار ڏنو پيو وڃي ۽ اهو عالمي اڳواڻن سان رابطن ۾ مصروف آهي ان زور ڏنو آهي ته قيادت کي منتقل ٿيڻ کان ڪو به روڪي نٿو سگهي، جيتوڻيڪ رياستي چونڊن جا سرڪاري سطح تي تصديق ٿيل نتيجاآيا آهن ۽ ڪجهه هنڌن تي ووٽن جي ڳڻپ اڃا به جاري آهي، آمريڪا ۾ چونڊن جي حتمي نتيجن جو اعلان 14 ڊسمبر تي آمريڪي اليڪٽورل ڪاليج ڪندو. نئين چونڊيل صدر جوبائيڊن چيو آهي ته آئون هڪ ڳالهه چئي سگهان ٿو ته ٽرمپ پاران شڪست نه مڃڻ سان صدر جي ميراث کي ڪو به فائدو نه پهچندو، 20 جنوري تي سڀ ڪجهه واضح ٿي ويندو، هن چيو ته آئون عالمي اڳواڻن پاران رابطن تي کين ٻڌايو آهي ته آمريڪا واپس اچي ويو آهي ۽ اسان راند ۾ پنهنجي واپسي ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته مون کي نٿو لڳي ته ڪا به شيءِ اسان جي رفتار گهٽائي سگهي ٿي، ڏسڻو اهو آهي ته آمريڪا جي تاريخ جي سڀ کان تڪراري بڻيل چونڊن جي نتيجن جي اعلان کانپوءِ حالتون ڪهڙي طرف وڃن ٿيون، ڇا دنيا جا ۽ خود آمريڪا اندر موجود جيڪي خدشا آهن اهي صحيح ثابت ٿين ٿا يا وري جوبائيڊن جيڪو ان اميد تي آهي ته ٽرمپ چونڊ نتيجن بابت بيانن کانپوءِ نيٺ ان ڳالهه تي راضي ٿي ويندو ته اقتدار جي پرامن منتقلي آمريڪا جي مفاد ۾ آهي، جون اميدون ڪامياب ٿين ٿيون، اهو 20 جنوري کانپوءِ جو سلسلو هوندو ان لاءِ اسان کي وري به مهينو انتظار ڪرڻو پوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو