186

ڪورونا جي ٻي لهر، مهانگائي ۽ ڏتڙيل ديس جا ماڻهو…!!

رضيا مورائي

عالمي وبا ڪورونا هڪ ڀيرو ٻيهر تيزي سان پکڙجي رهي آهي ۽ وبا کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ وفاقي توڙي سنڌ سرڪار اپاءَ سخت ڪرڻ جا اعلان ڪري ڇڏيا آهن ۽  تازو درگاهون سيل ڪرڻ سميت ٻيا به اعلان ڪيا ويا آهن، ڪورونا پنهنجي پهرئين اسپيل ۾ جيئن ئي منظر عام تي آئي هئي، ان وقت کان جيڪي بحث شروع ٿيا هئا،انهن به وري ٻيهر ڪر کنيو آهي ۽ اڄ به ماڻهو ان کي عالمي سازش قرار ڏئي رد ڪندي نظر اچن ٿا، جڏهن ته هن نئين اسپيل ۾ ڪورونا اڻڄاڻ يا لاعلاج مرض به نه رهيو آهي،ڇو ته دنيا ۾ ان جي ويڪسين تيار ڪرڻ جي دعويٰ به ڪئي پئي وڃي ۽ جن ڪمپنين اها ويڪسين تيار ڪئي آهي، انهن مطابق اها 90 سيڪڙو فائديمند ثابت ٿي آهي، پر وري به اهو بحث ضرور هلي رهيو آهي ته اها ويڪسين دنيا تائين پهچائڻ مسئلو بڻيل آهي، ڇو ته ان ويڪسين کي 80 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رکيو وڃي ٿو، ان ڪري ان جي ٻين ملڪن ۾ ڪيئن پهچندي ان تي به  ٽيڪا ٽپڻي ٿي رهي آهي، اهي ته هيون سڌريل دنيا جون ڳالهيون هاڻ پاڻ کي ڏسڻو اهو آهي ته پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ اندر ڇا اسان هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙن سخت قدمن جي اعلانن ڪرڻ کان اڳ تياريون ڪيون آهن، يا نه؟گذريل ڀيري سنڌ حڪومت پاڪستان اندر پهرين حڪومت هئي، جنهن ڪورونا جي پکيڙ روڪڻ لاءِ انتهائي سخت قدم کنيا هئا ۽ سڀ کان پهريان قدم کنيا هئا، جنهن تي وفاقي حڪومت آخر تائين تنقيد تير وسائيندي رهي پر ڏٺو وڃي ته ڪورونا جو زور جڏهن وڌي ويو تڏهن وفاقي حڪومت کي به اهڙا قدم کڻڻا پيا ۽ ان لاڪ ڊائون طرف وڃڻو پيو، جنهن طرف سنڌ وئي هئي ۽ هاڻ به ڏينهون ڏينهن قدمن ۾ سختي اچي رهي آهي، وڏن شهرن ۾ جتي زندگي رات جو شروع ٿي صبح جو ختم ٿيندي آهي، اتي رات جو 10 وڳي کانپوءِ ڄڻ ته بليڪ آئوٽ نظر اچي ٿو ۽ ڪاروبار بند ٿي ٿا وڃن، جڏهن ته آهستي آهستي اها ساڳي صورتحال ننڍن شهرن ڏانهن به اوس اچڻي آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا ان لاءِ اسان تياري ڪئي آهي؟ گذريل لاڪ ڊائون جا تجربا سڀني جي آڏو آهن، گذريل لاڪ ڊائون دوران حڪومت ڪاروبار ته بند ڪرائي ڇڏيا پر آڻين ۽ چاڙهين تحت زندگي گذاريندڙ ڏهاڙيدار طبقي جيڪو اسان وٽ اڪثريت ۾ آهي، ان جي گذر بسر لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا، نتيجي طور سنڌ ۾ هڪ اهڙي آهه ۽ پڪار واري صورتحال پيدا ٿي جنهن حساس دل رکندڙ ماڻهن کي روئاري ڇڏيو، هڪ اندازي مطابق تقريبن ساڍا 3 ڪروڙ کان وڌيڪ اهڙا ماڻهو هئا جن اهو سمورو عرصو انتهائي ڏکيو گذاريو، ڇو ته اسان وٽ معاشي سطح تي اهڙا گهٽ ماڻهو آهن، جن جي آمدني غربت واري لڪير کان ڪا ٿورڙي مٿي آهي، نه ته مجموعي طور تي ڏٺو وڃي ته آبادي جي اڪثريت غربت واري لڪير کان هيٺ واري زندگي گذاري ٿي ۽ جيڪڏهن هاڻ به اسان سخت لاڪ ڊائون طرف وڃون ٿا ته انهن ماڻهن جي حالت اڳ کان به وڌيڪ خراب ٿيندي، ڇو ته سماجي سطح تي اهڙن ماڻهن لاڪ ڊائون جو گذريل دور به قرض کڻي گذاريو آهي، جڏهن سرڪاري امداد جو آسرو ختم ٿيو ته ماڻهن ٻچن کي بکون مارڻ کان بچائڻ لاءِ قرض کڻي گذر ڪيو ۽ سندن حالت اهڙي آهي جو اهو قرض به هو ايندڙ ڪيترن ئي سالن تائين لاهي نه سگهندا، ان ڪري حڪومت کي وڌيڪ سخت قدم کڻڻ کان اڳ انهن ماڻهن جي حالتن کي نظر ۾ رکڻو پوندو. ڇو ته هن ڀيري وفاقي حڪومت جي پاليسين ۽ سنڌ ۾ گڊ گورننس جي کوٽ ۽ ضلعي انتظاميا سميت ادارن جي نااهلي ۽ لاپرواهي سبب مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي، تازو اخباري رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته موجوده حڪومت جي 800 ڏينهن ۾ ملڪ ۾ ويهوڻ تي مهانگائي وڌي آهي، سرڪاري انگن اکرن ۾ مهانگائي جي اعتراف باوجود اسان جو مست وزيراعظم ان کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ اهو ته ان کي مخالف ڌر جي پروپئگنڊا قرار ڏئي رهيو آهي پر ڏٺو وڃي ته ان مهانگائي ۾ مافياز جو ڪردار وڌيڪ آهي، چوڻ جو مطلب ته هٿرادو طريقي واري مهانگائي وڌي آهي، ڇو ته ادارن پنهنجا ڪم ڇڏي ڏنا آهن، سڄي سنڌ اندر مارڪيٽ ڪاميٽيون غير فعال آهن، جنهن سبب ڪپڙا لٽا ته پري جي ڳالهه عام ماڻهو دال سبزي وٺڻ واري پوزيشن ۾ به نه آهي، جيڪڏهن انهن حالتن ۾ وري هڪ ڀيرو ٻيهر سخت لاڪ ڊائون طرف وڃڻو پيو ته يا ڪاروبار بند ڪرڻو پيو ته پوءِ ماڻهن جي حالت ڇا ٿيندي؟ ان ڪري وفاق توڙي سنڌ حڪومت کي ڪورونا جي پکيڙ روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ کان اڳ ڄاڻايل سمورين حالتن ۽ رخن کي نظر ۾ رکڻو پوندو، ٻي صورت ۾ ملڪ هڪ اهڙي افراتفري ۽ بيچيني طرف وڌي سگهي ٿو، جيڪا اڳتي هلي ڪنهن سخت موڙ اچي سگهي ٿي، آئون هتي اها تجويز ڏيڻ چاهيان ٿي ته خدارا هن ڀيري حق حڪمراني کي عوام جي بهتري لاءِ استعمال ڪيو، ائين نه ٿئي ته اهو ئي عوام اوهان کي ڏنل اهو حق کسڻ لاءِ ميدان ۾ اچي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو