نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ملڪ ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي فوري طور مزارون، ٿيٽر ۽ سينيما گهر بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، گذريل ڏينهن وفاقي وزير اسد عمر جي سربراهي ۾ ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ۾ اهڙو اعلان ڪيو ويو آهي، ميڊيا رپورٽن مطابق اجلاس ۾ ملڪ ۾ وڏن ميڙاڪن تي پابندي جي تجويز ڏيندي هاءِ رسڪ وارن علائقن ۾ پابنديون وڌيڪ سخت ڪرڻ جي سفارش به ڪئي وئي آهي ۽ ڪورونا جي ٻي لهر جي تيزي کي نظر ۾ رکندي سڄي ملڪ ۾ ايس او پيز تي عمل وڌائڻ جي تجويز به ڏني وئي آهي، اين سي او سي تعليمي ادارن ۾ ڪورونا جا ڪيس وڌڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي اهڙي اضافي کي روڪڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته 16 نومبر تي ان حوالي سان وفاقي ۽ صوبائي تعليم وارن وزيرن جي اجلاس ۾ ڄاڻايل صورتحال جو جائزو وٺڻ سميت ڪورونا جي پکيڙ جا اثر گهٽ ڪرڻ لاءِ سياري جي جلدي موڪلن ۽ اهي موڪلون ڊگهيون ڪرڻ جو پڻ جائزو ورتو ويندو، ان حوالي سان اين سي او سي جو چوڻ آهي ته وڏي نقصان کان محفوظ رهڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرن جي اتفاق راءِ جو انتظار آهي، هوڏانهن اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته 20 نومبر کان هالن بدران کليل جاين تي به صرف 500 ماڻهن کي شادي ۾ اچڻ جي اجازت هوندي. ڪورونا انتهائي خطرناڪ وبا آهي، جنهن جي پهرين لهر سڄي دنيا ۾ لکين انسانن جون حياتيون ڳڙڪايون آهن ۽ ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته اها اڃا تائين ماسز پنهنجي مڪمل زور سان موجود آهي، ان ڪري مرض کي روڪڻ لاءِ عالمي سطح تي به اڃا تائين سخت قدم کنيا پيا وڃن، اسان سمجهون ٿا ته اها انتهائي اهم ڳالهه آهي ته حڪومت ڪورونا جي پکيڙ روڪڻ لاءِ سوچي ٿي ۽ پنهنجي عوام کي محفوظ رکڻ لاءِ سخت قدم به کڻي ٿي، جيتوڻيڪ زندگيءَ کي هلائڻ لاءِ ڪاروبار پڻ ضروري آهي پر سڀ کان اهم زندگي بچائڻ آهي، ان ڪري اسان سمجهون ٿا ته اهڙا ادارا يا هنڌ جتي سڌو سنئون سون ۽ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿين ۽ ڪورونا جي پکيڙ آسان ٿي وڃي اتي سخت قدم کڻڻ ضروري آهن، جڏهن ته اهڙا ادارا جتي ضرورت آهر ايس او پيز تحت ڪاروهنوار هلائڻو پوي ان کي ان مطابق هلايو وڃي ۽ اها سمورن اسٽيڪ هولڊرن سميت ملڪ جي هر فرد تي اهو لازم آهي ته اهو پنهنجي پنهنجي سطح تي ڪورونا کي روڪڻ لاءِ جيترو به ممڪن هجي ايترو پنهنجو ڪردار ادا ڪري، اسان اهو به سمجهون ٿا ته هيءَ قومي سطح جو اهم معاملو آهي ۽ ان تي ڪنهن به سياست کانسواءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي گڏيل حڪمت عملي سان فيصلا ڪري قوم کي ان وبا کان بچائڻ ضروري آهي ۽ ان حوالي سان حڪومت کي ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ پڻ سخت قدم کڻڻ گهرجن، ڇو ته رپورٽون آهن ته ڪورونا جو مرض ٿڌ ۾ وڌيڪ پکڙجي ٿو ۽ هن وقت ملڪ ۾ سيارو اچڻ وارو آهي ۽ آهستي آهستي ٿڌ ۾ پڻ واڌ ٿي رهي آهي، ان ڪري اسان کي هر قدم تي احتياط ۽ احتياطي تدبيرن کي اختيار ڪرڻو پوندو ۽ هڪ قوم وانگر گڏجي هن وبا جو مقابلو ڪرڻو پوندو جيئن اسان پنهنجي ماڻهن ۽ پنهنجي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهون.
183