156

ٽرمپ کانپوءِ آمريڪي پرڏيهي پاليسيون ڪهڙيون هونديون؟؟

مليحه لوڌي

ويجهي ماضي ۾ آمريڪين پنهنجي اهڙي ڪا به صدارتي چونڊ نه ڏٺي هوندي جهڙي هيلوڪي چونڊ ٿي آهي، ساڳئي طرح سڄي دنيا به ان ڳڻتي سان آمريڪا ۾ هلندڙ سياسي ڇڪتاڻ، سخت بيانن جي ڏي وٺ ۽ قانوني جنگين تي ڌيان نه ڏنو هوندو، جهڙو هن ڀيري ڏسڻ لاءِ مليو آهي ۽ ان صورتحال چونڊن کي هنگامي جو شڪار بڻايو، جنگ جو ميدان سمجهيون ويندڙرياستن ۾ ٻنهي صدارتي اميدوارن وچ ۾ موجود ووٽن جي معمولي فرق سان چونڊن جي ڏينهن کانپوءِ به ماڻهو دٻاءَ جو شڪار رهيا، آمريڪي عوام هڪ اهڙي صدارتي چونڊ ۾ جوبائيڊن کي صدر چونڊيو آهي، جنهن کي پنهنجي اهميت سبب آمريڪين جي زندگي جي اهم ترين چونڊ قرار ڏنو پيو وڃي ۽ جنهن جي نتيجي کي ايندڙ ڏهاڪي تي اثرانداز ٿيندڙ نتيجو چيو پئي ويو، جوبائيڊن جي چونڊ آمريڪا ۽ ان کان ٻاهر به ماڻهن لاءِ راحت جو سبب آهي، عالمي برادري لاءِ هن وقت بنيادي سوال اهو آهي ته ڇا وائيٽ هائوس جو هي نئون ڀاتي آمريڪي پرڏيهي پاليسي کي ٻيهر ٽرمپ کان پهرئين واري دور ۾ وٺي ويندو؟ شروعات ۾ ته جوبائيڊن کي مقامي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو، آمريڪا ۾ هن وقت به ڪورونا سنگين صورت ۾ موجود آهي، ان کانسواءِ وڌندڙ ورهاست ۽ نسلي تعصب کي به ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جوبائيڊن جو پهريون ڪم ته انتشار جو شڪار آمريڪا کي متحد ڪرڻ هوندو، نئين چونڊيل آمريڪي صدر چونڊن کانپوءِ خطاب ڪندي چيو آهي ته آئون آمريڪا جي صدر طور پنهنجا فرض پورا ڪندس، هتي ڪا به نيري يا ڳاڙهي رياست نه هوندي صرف آمريڪا جي گڏيل رياست هوندي، آمريڪي ڪانگريس جي چونڊن جو نتيجو به هڪ چئيلنج بڻجي سگهي ٿو، ڇو ته سينيٽ ۾ هينئر کان ئي ريپبلڪن پارٽي جي اڪثريت نظر اچي رهي آهي، بائيڊن کي هڪ حڪومت مخالف سينيٽ کي منهن ڏيڻو پوندو، جنهن سان سندس مشڪلاتون وڌندي نظر اچن ٿيون، هي صورتحال ورهايل قوم کي متحد ڪرڻ جهڙي بائيڊن جي عزم جي راهه ۾ به رڪاوٽ بڻجندي، نيويارڪ ٽائيمز جي هڪ مضمون ۾ چيو ويو هو ته هي چونڊ آمريڪا ۾ موجود معاشرتي بحران، سياسي ثقافت جي زوال ۽ جدا جدا ٿيڻ جي احساس جهڙن سنجيده مسئلن کي حل نه ڪري سگهندي، ٽرمپ کي 2016ع جي مقابلي ۾ وڌيڪ ووٽ ملڻ ان جي ڳالهه جي علامت آهي ته ٽرمپ ازم جي حمايت اڃا به برقرار آهي، جيڪڏهن ٽرمپ مستقبل ۾ به متحرڪ سياسي ڪردار ادا ڪندو رهيو ته اهو بائيڊن لاءِ هڪ ٻيو ڏکيو مرحلو هوندو ۽ ان ڪري گهرو معاملا بائيڊن جي مستقل ڌيان جي تقاضا لهندا. پر دنيا سان آمريڪا جي لاڳاپن جي رخ کي به صحيح ڪرڻ ضروري آهي، ڪجهه ماڻهن جي خيال ۾ پرڏيهي پاليسي هڪ اهڙي شيءِ آهي جتي بائيڊن ڪجهه آزادي سان ڪم ڪري سگهي ٿو، ته پوءِ نيٺ بائيڊن انتظاميا جي پرڏيهي پاليسي ڪهڙي هوندي؟ ان سوال جي جواب لاءِ اسان کي اهو ڏسڻو پوندو ته بائيڊن جي پرڏيهي معاملن واري ٽيم ۾ ڪهڙا ماڻهو شامل ٿيندا. ڇو ته فردن جي چونڊ سان پرڏيهي پاليسي جي رخ جو تعين ٿي سگهندو.جوبائيڊن کي پرڏيهي معاملن جو انتهائي وسيع تجربو آهي، هو هڪ ڊگهي عرصي تائين سينيٽ جي پرڏيهي معاملن جي ڪاميٽي جو سربراهه رهيو آهي، ان کانسواءِ هو باراڪ اوبام سان گڏ نائب صدر رهي چڪو آهي، ان ڪري اميد ڪئي پئي وڃي ته عالمي سطح تي آمريڪا کي نقصان پهچائيندڙ ٽرمپ جي پاليسين جي خلاف بائيڊن پرڏيهي پاليسي لاءِ هڪ روايتي رستو اختيار ڪندو، ٽرمپ واري ”سڀ کان پهريان آمريڪا“ جي هڪ طرفي پاليسي جي ابتڙ بائيڊن هڪ لبرل سياستدان آهي، جيڪو آمريڪا جي گهڻ رخي سڃاڻپ کي واپس آڻڻ چاهي ٿو، پنهنجي چونڊ مهم دوران هن چيو ته ٽرمپ جي سڀ کان پهريان آمريڪا واري پاليسي اڪيلي آمريڪا جي نتيجي ۾ سامهون آئي آهي ۽ هو آمريڪا جي قائداڻي حيثيت کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. مجموعي طور تي اسان بائيدن جي صدارت ۾ هڪ توازن واري پرڏيهي پاليسي جي واپسي، اتحادين سان لاڳاپن جي حمايت، ايران سان ائٽمي معاهدي جي فعاليت، پئرس ۾ ٿيندڙ موسمي ٺاهه ۾ واپسي ۽ نيٽو جهڙن اتحادين سان ڪيل واعدن جي تجديد جهڙا قدم ڏسي سگهون ٿا، بائيڊن جي هڪ اهم ترجيح آمريڪا جي تباهه ٿيل عالمي ساک کي بهتر بڻائڻ هوندو، جنهن جو ثبوت ڪيترين ئي سرويز مان ملي ٿو، پي او ريسرچ جي تازي سروي مان خبر پوي ٿي ته آمريڪا جي عالمي ساک تاريخ ۾ گهٽ ترين سطح تي آهي، اها سروي ٻڌائي ٿي ته واشنگٽن جي اتحادي ملڪن مان لاتعداد آمريڪا ۽ خاص طور تي ٽرمپ بابت منفي سوچ رکن ٿا، واضح طور تي ٽرمپ جي تباهه ڪندڙ پاليسين جي چار سالن دنيا ۽ سڄي عالمي نظام تي منفي اثر ڇڏيا آهن، جنهن ڪري آمريڪا جي ساک متاثر ٿي آهي ۽ ان جو اثر به گهٽ ٿي ويو آهي، جڏهن ته ان جي سافٽ پاور ۾ به گهٽتائي آئي آهي، جوبائيڊن ان سموري صورتحال کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، افغانستان ۽ اتان آمريڪي فوج جي نيڪالي بابت جوبائيڊن جا خيال ٽرمپ کان گهڻا مختلف نه هوندا، هو افغانستان ۾ آمريڪي فوج جي موجودگي جو ناقد رهيو آهي ۽ 2009ع ۾ اوباما جي صدارت واري دور ۾ هن بطور نائب صدر افغانستان ۾ آمريڪا فوج جو  انگ وڌائڻ جي مخالفت ڪئي هئي. هلندڙ سال جي شروعات ۾ هڪ انٽرويو ۾ جوبائيڊن کان پڇيو ويو ته افغانستان ۾ جيڪڏهن طالبان اقتدار ۾ اچي ويا ته اهي ڇا ڪندا؟ ان جو جواب ڏيندي سندس چوڻ هو ته اها منهنجي ذميواري نه آهي، منهنجي ذميواري اها آهي ته آمريڪا جي قومي مفادن جي حفاظت ڪيان ۽ هر مسئلي کي طاقت سان حل ڪرڻ خاطر آمريڪي مردن ۽ عورتن جي جان کي خطري ۾ نه وجهان، ايران سان ائٽمي معاهدي کي فعال ڪرڻ بابت ٽرمپ جي پاليسين سان هڪ واضح اختلاف هوندو، بائيڊن بار بار اها ڳالهه ورجائي آهي ته جيڪڏهن ايران ائٽمي ٺاهه جي پاسداري ۽ ٻين ڀائيوارن سان گڏجي ان کي مضبوط ڪرڻ تي راضي هجي ته هو ان ٺاهه کي ٻيهر فعال ڪندو، بائيڊن جو خيال آهي ته  ان سان آمريڪا جي بالادستي کي برقرار رکي سگهجي ٿو، پر سعودي عرب تي بائيڊن جي تنقيد کي ڏسندي اهو سوال اڃا به موجود آهي، هن خطي بابت بائيڊن جي پاليسي ڪهڙي هوندي؟ جيستائين اسرائيل جو سوال آهي ته اسرائيل جي حوالي سان آمريڪا جي هڪ ئي پاليسي هلندي اچي پئي ۽ اڳتي به ان پاليسي تحت آمريڪا اسرائيل جي حمايت جاري رکندو. آمريڪي پرڏيهي پاليسي جو سڀ کان وڏو چئلينج آمريڪا ۽ چين جا لاڳاپا هوندا، هي هڪ اهڙو معاملو آهي جنهن جا اثر صرف انهن ٻن ملڪن تائين محدود نه رهندا، ٽرمپ چين سان لاڳاپن کي پنهنجي ٽڪراءَ واري پاليسي سبب سخت دشمني ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو، آمريڪا ۾ چين مخالف خيالن سبب ممڪن آهي ته بائيڊن به ان حوالي سان سخت پاليسي ئي اختيار ڪري پر ٽرمپ جي ابتڙ بائيڊن گهٽ جارحاڻي پاليسي اختيار ڪندو ۽ چين کي محدود ڪرڻ سان گڏوگڏ هو موسمي تغير جهڙن عالمي مسئلن تي گڏيل عمل جي به ڪوشش ڪندو، جيڪڏهن چين جي ڳالهه ڪئي وڃي ته اهو به آمريڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ لاءِ بائيڊن جو ڌيان حاصل ڪرڻ چاهيندو، چين جي نائب پرڏيهي وزير تازو اميد ظاهر ڪئي هئي ته نئين آمريڪي قيادت چين سان گڏجي ڪم ڪندي ۽ ٻئي ملڪ اختلافن کي ختم ڪرڻ لاءِ تعاون تي ڌيان ڏيندا، ٽرمپ جي پرڏيهي پاليسي ۽ نئين آمريڪي پرڏيهي پاليسي ۾ سڀ کان وڏو فرق توازن ۽ استحڪام جي شامل ٿيڻ جو هوندو، ان هوندي به گهرو محاذ نئين صدر جي ڌيان جو خاص مرڪز هوندو، ڇو ته وڌندڙ گهرو اختلافن ملڪ کي بي قابو ڪري ڇڏيو آهي، فنانشل ٽائيمز جي هڪ ايڊيٽوريل ۾ چيو ويو آهي ته جنگ کان پوءِ کان ڪهڙي آمريڪي صدر ان کان وڌيڪ قيد قوم جي قيادت نه سنڀالي آهي. (ڊان جي ٿورن سان)

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو