154

ڪشمور ۾ زيادتي جو شڪار ٻارڙيءَ جو چانڊڪا ۾ آپريشن، هوش نه آيو، 24 ڪلاڪ اهم قرار

لاڙڪاڻو/ڪشمور (بيورو/ ن سوڀ) ڪشمور ۾ زيادتي جو شڪار ٿيل ڪراچي واسي 4 ورھين جي معصوم ٻارڙي عليشا جو آپريشن ٿيڻ بعد کيس ھوش اچي نه سگهيو آهي، ٻارڙي کي نازڪ حالت ۾ چانڊڪا اسپتال جي پيڊس سرجري وارڊ جي آءِ سي يو ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر سراج سومرو جو چوڻ آهي ته ٻارڙي عليشا جو آپريشن ڪيو آهي پر زخم گھڻا ھجن ڪري ايندڙ 24 ڪلاڪ اھم آهن، اڃا تائين عليشا کي ھوش ناھي آيو، ڪوشش آهي ته هوش ۾ اچي، هوڏانهن نينگري جي ماءُ تبسم مغل جو چوڻ آهي ته  ڌيءَ عليشا جو آپريشن ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽر نياڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائن ٿا، کيس اڃا هوش ناهي آيو، اسان سان ظلم ٿيو آهي مدد ڪئي وڃي. هوڏانهن ڪشمور پوليس ڪراچي واسڻ تبسم مغل ۽ سندس 4 سالن جي ڌيءَ عليشا سان زيادتي ڪندڙ مک جوابدار رفيق ملڪ کي ريمانڊ لاءِ سيڪنڊ سول ڪورٽ ۾ پيش ڪيو عدالت جوابدار کي 3 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ڪشمور پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ٻئي پاسي ڪشمور پوليس زيادتي ڪيس ۾ گھربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف ھنڌن تي ڇاپا هنيا پر جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو