283

داد لغاري ۾ جشن عيد ميلاالنبي صه جي تقريب، درگاهن جا گادي نشين شريڪ

ميرپورماٿيلو (ڊ ر) دادلغاري شهر ۾ شهرين بچل فقير مهر، رياض حسين لوهار، محمد ابراهيم چنا ۽ ٻين پاران شهر جي مين چوڪ تي جشن عيد ميلاالنبي صه جي پر وقار تقريب منعقد ڪرائي جنهن ۾ درگاهه محمد شاهه جو گادي نشين سيد توفيق احمد شاهه ۽ درگاهه سوئي شريف جو مٺل فقير، حافظ محمد اسحاق لغاري ۽ قاري بشير احمد لغاري سميت وڏي انگ ۾ شهرين ۽ جماعتين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سيد توفيق احمد شاهه خطاب ڪندي چيو ته اڄ اسان جو مسلمان نبي ڪريم صه جي ڏنل راهه کان هٽي دنيا جي لالچ ۽ لوڀ ۾ ڦاسي چڪو آهي ۽ اصل رستي تي هلڻ بجاءِ انسان غلط رستي تي هلڻ شروع ڪيو آهي، جنهنڪري سندس مشڪلاتون اچي رهيون آهن، هن چيو ته جيڪڏهن مسلمان نبي ڪريم صه جي ڏنل نقش قدم تي هلندي هر روز قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ ۽ پنج وقت نماز پابندي سان پڙهي ته دنيا جي ڪابه طاقت ان آڏو مشڪلات نٿي آڻي سگهي ۽ هو بهتر زندگي بصر ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته قاري بشير احمد لغاري نبي ڪريم صه جن جو شان بيان ڪيو، ان سان گڏ درگاهه سوئي شريف جي فقير مٺل سائين ۽ حافظ محمد اسحاق لغاري پڻ تقرير ڪندي 12 ربيع الاول جي فضيلت بيان ڪندي نبي ڪريم صه جن جو شان بيان ڪيو، ان دوران نعت خوانن نعت شريف ۽ مولود شريف پڙهيا، آخر ۾ عوام جي خوشحالي، پاڪستان جي سلامتي ۽ امت مسلم لاءِ خصوصي دعا گهر وئي، جڏهن ته لنگر پڻ تقسيم ڪيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو