136

ڊرٻ ميهر شاهه لڳ هاءِ اسڪول جي عمارت زبون، هنڌان هنڌان ڏار، چاپڙ ڪرڻ معمول بڻيل

ڊرٻ ميهر شاهه (رپورٽ: ياسين علي ڪانڌڙو) ڊرٻ ميهر شاهه لڳ هاءِ اسڪول جي عمارت زبون، هنڌان هنڌان ڏار، چاپڙ ڪرڻ معمول بڻيل، ان سلسلي ۾ ڳوٺ لعل بخش ڪانڌڙي ۾ قائم بوائز هاءِ اسڪول جي عمارت جي ڀتين ۾ هنڌان هنڌان ڏار پئجي ويا آهن، جڏهن ته اسڪول جا باٿ روم مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن، هوڏانهن ڇت جا چاپڙ ڪرڻ معمول بڻيل آهن، جنهن سبب ڪجهه ٻار زخمي به ٿي چڪا آهن، هوڏانهن اسڪول ۾ فرنيچر، پيئڻ جي پاڻي ۽ ٻين سهولتن جي به کوٽ ختم نه ڪئي وئي آهي، عمارت زبون هجڻ سبب ٻارڙا خوف جي پاڇي ۾ تعليم پرائڻ لڳا آهن، جڏهن ته اسڪول جي تباهه حالي خلاف شاگردن، سماجي اڳواڻن ۽ ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي عرض محمد، مدد علي، رياض حسين، شڪيل احمد، نجف علي ۽ ٻين چيو ته اسڪول جي عمارت زبون آهي، ٻارڙن کي ڪا به سهولت نه آهي، هنن اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي اسڪول جي مرمت ڪرائي بنيادي سهولتن جي کوٽ ختم ڪئي وڃي.جيئن ٻارڙا سٺي نموني سان تعليم پرائي سگهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو