راضيديرو (رپورٽ: در محمد ميمڻ) راضيديرو ۽ ڀرپاسي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ آبادگارن ڳڙ ٺاهڻ لاءِ چيچڙا لڳائي ڇڏيا، ان سلسلي ۾ اڳڙا، مهتاڻي، راضيديرو، ستابو، گهرام، نور جو ڳوٺ، لعل بخش ڀٽي، ڪمالديرو ۽ ٻين علائقن ۾ ڳڙ ٺهڻ شروع ٿي ويو آهي، غلام قادر هُليي سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ چيچڙا شروع ٿي ويا، جنهن سبب ڳوٺاڻن سميت ڪيترائي مزدور به روزي سان لڳي ويا آهن، ۽ چيچڙن تي تازو ڳڙ ۽ مٺائي ٺاهڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي، جڏهن ته علائقي ۾ ٺهيل ڳڙ مارڪيٽ ۾ به پهچي ويو آهي، هوڏانهن سياري جي آمد ۽ هلڪي هلڪي ٿڌ سبب کپت ۾ به واڌ ٿي وئي آهي، آبادگارن منور لاشاري، اصغر آرائين، ياسين ڀٽي، شوڪت آرائين، ڌڻي بخش، عبدالحميد، شهمير لاشاري ۽ ٻين ”سوڀ“ سان ڳالهائيندي چيو ته شگر ملن طرفان ڪمند جو اگهه صحيح نه ملڻ تي چيچڙا لڳائي ڳڙ ۽ مٺائي تيار ڪريون پيا، جيئن ٻچن جو گذر سفر ڪيون. آبادگارن ”سوڀ“ سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سرڪار کي ڪمند جو في مڻ اگهه 300 رپيا مقرر ڪرڻ گهرجي ها، ڇو ته پوک تي خرچ تمام گهڻو ٿئي ٿو، ٻج، ڪلر ۽ تيل مهانگا ٿي ويا آهن،
257