انقره (دلچسپ نيوز) ترڪي ۾ ڊيري ملازم جي کير جي ٽپ ۾ ٺاهيل ٽڪ ٽاڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، ڊيري پلانٽ جي ملازم کير جي ڀريل ٽپ ۾ وڊيو ٺاهي ٽڪ ٽآڪ تي رکي، جڏهن ته وڊيو وائرل ٿيڻ بعد انتظاميا ڊيري پلانٽ کي بند ڪري ڇڏيو، هوڏانهن پوليس وڊيو ٺاهيندڙ ۽ چوڪيدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.
