309

موٽروي زيادتي ڪيس تي ٻڌل مختصر فلم ”اب بس“ رليز

ڪراچي (شوبز نيوز) ڪجهه وقت اڳ لاهور موٽروي تي پيش آيل زيادتي واقعي واري ڪيس تي ٻڌل فلم ”اب بس“ کي رليز ڪيو ويو آهي،  اداڪاره صنم سعيد جي 10 منٽ 24 سيڪنڊز تي ٻڌل فلم يوٽيوب تي رليز ٿي آهي، فلم ۾ سماجي مسئلن کي اجاڳر ڪيو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ عورتون محفوظ ناهن، جڏهن ته فلم جي ڪهاڻي ”مايا“ نالي ڇوڪريءَ جي اردگرد گهمي ٿي، جيڪا پنهنجي پيءُ کي دل جو دورو پوڻ کانپوءِ  رات دير سان گهر کان ٻاهر نڪري ٿي ته پاڻ سان گڏ چاقو، بندوق کڻي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو