117

جوابدار رفيق ملڪhomepage20 ڪيو، خير الله بگٽي جو رمانڊ

بخشاپور (ن سوڀ) بخشاپور ٿاڻي جي حد بنگل فقير قبرستان ويجهو سومر لاڙو
وٽ پوليس مقابلي دوران پنهنجي ساٿي جي فائرنگ ۾ مارجي ويل عليشه ڪيس جي جوابدار رفيق ملڪ جو لاش بخشاپور جي رورل ھيلٿ سينٽر ۾ ڪيترائي ڪلاڪ لاوارث حالت ۾ پيل رھيو، جنهن بعد ڪالهه سندس امڙ اسپتال پهچي پٽ جو لاش وصول ڪيو. پوليس ضروري ڪارروائي بعد لاش ماءُ شاهنو خاتون حوالي ڪيو. جڏهن ته مقابلي بعد گرفتار جوابدار خيرالله بگٽي تي ايس ايڇ او ڪشمور حبيب الله مهر جي فرياد تي ata 6/7 23ia 25 saa 2013 بخشاپور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري شڪارپور جي دهشتگري ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. عدالت سڳوري گرفتار جوابدار خيرالله کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ لاءِ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو