اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس ۾ صحافي ارشد وحيد چوڌري سميت وڌيڪ 17 ڄڻا فوت ٿي ويا، فاروق ستار سميت 2 هزار 165 نون ڪيسن جي تصديق ٿي وئي، رپورٽ موجب عالمي وبا جي ٻي لهر شدت سان وڌي رهي آهي، 17 ڄڻن جي فوت ٿيڻ بعد فوتين جو انگ وڌي 7 هزار 109 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 2165 نوان ڪيس رپورٽ ڪيا ويا آهن، متاثرن جو تعداد 3 لک 54 هزار 461 تائين پهتو آهي، جڏهن ته 3 لک 22 هزار 414 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، 24 هزار 938 علاج هيٺ آهن، هوڏانهن پنجاب ۾ 2462، سنڌ ۾ 2722، ڪي پي ڪي ۾ هڪ هزار 305، اسلام آباد ۾ 253، بلوچستان ۾ 155، گلگت بلتستان ۾ 93 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 119ڄڻا فوت ٿي ويا، ٻئي طرف سنڌ ۾ ڪورونا مريضن جو تعداد هڪ لک 53 هزار 873، پنجاب ۾ هڪ لک 9 هزار 309، ڪي پي ڪي ۾ 41 هزار 723 ۽ بلوچستان ۾ 16 هزار 328 ڪيس رپورٽ ڪيا ويا آهن، هوڏانهن جيو نيوز جو سينيئر رپورٽر ارشد وحيد چوڌري ڪورونا وائرس سبب اسلام آباد جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم اڳوڻو اڳواڻ فاروق ستار ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ هن پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي طرف نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جي هدايت جي روشني ۾ وفاقي حڪومت ڪورونا جي ڪري سرڪاري آفيسن ۾ حاضري گهٽ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، ڪابينا ڊويزن پاران جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته اين سي او سي جي فيصلي تحت پاليسي فريم ورڪ جاري ڪيو ويو آهي، جوائنٽ سيڪريٽريز ورٽيشن جي بنياد تي آفيس ۾ حاضري شيڊول بڻائين، لاڳاپيل آفيسر گهر ويهي آفيشل ڪم ڪن ۽ پنهنجي ورڪينگ اسٽيشن ٻڌائڻ کانسواءِ نه ڇڏين، جوائنٽ سيڪريٽريز پنهنجي ماتحت 50 سيڪڙو عملي جي روٽيشن جي بنياد تي آفيس حاضري يقيني بڻائين، سمورا آفيسر ايڊمن ونگ جي مشاورت سان اسٽاف جو ڊيوٽي روسٽر ٺاهين، ڊيوٽي تي موجود آفيسر ۽ ملازمن کي ماسڪ پائڻ جي هدايت ڪئي وڃي، بيمار هجڻ جي صورت ۾ ملازم فوري طور تي پنهنجي آفيسر کي آگاهه ڪن، پڌرنامي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سرڪاري آفيسن ۾ ڪم اي فائلنگ جي ذريعي ڪيو وڃي، فائل جي هڪ حد کان ٻئي حد تائين چرپر کان منع ڪيو وڃي، اجلاس ۾ وڊيو ڪانفرنس ذريعي گهرايا وڃن، عام شهرين جي ڪنهن به آفيس ۾ اچڻ جي پابندي وڌي وڃي.
175