گلگت ( م ڊ ) گلگت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو سان اسماعيلي ريجنل ڪونسل جي وفد ملاقات ڪئي. وفد سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته آئون گلگت بلتستان جي عوام جي حاڪميت، ملڪيت ۽ روزگار جي حقن لاءِ جدوجهد ڪريان پيو، اسماعيلي ڪونسل طرفان پ پ جي حمايت ڪرڻ تي ان جو ٿورائتو آهيان. ان موقعي تي وفد جي اڳواڻڻ چيو ته پيپلز پارٽيءَ جي ڪيل خدمتن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي، گلگت بلتستان کي دنيا ۾ بهتر انداز ۾متعارف ڪرائڻ تي ٿورائتا آهيون. ٻي پاسي بلاول ڀٽو اڄوڪين چونڊن جي موقعي تي گلگت بلتستان جي عوام لاءِ پيغام جاري ڪري کين پيپلز پارٽيءَ جي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي، هن ديامر، استور، اسڪردو، شگر ۽ کرمنگ جي مختلف تڪن تي بيٺل پ پ جي اميدوارن جا نالا وٺي عوام کي انهن کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪندي چيو ته عوام اڄ پولنگ اسٽيشن تي وڃي تير کي ئي ووٽ ڏي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽيءَ گلگت بلتستان جي عوام سان اڳ جيڪي واعدا ڪيا اهي پورا ڪيا، اڳتي به ايئن ئي ڪندي.
130