گلگت ( م ڊ ) گلگت بلتستان ۾قانون ساز اسيمبليءَ جون چونڊون اڄ آچر تي ٿينديون، چونڊن ۾ سياسي مقابلي لاءِ ميدان تيار ٿي ويو آهي، چونڊن جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. 24 مان 23 سيٽن تي چونڊون ٿي رهيون آهن، جڏهن ته هڪ سيٽ جو اميدوار فوت ٿيڻ سبب اتي چونڊ ملتوي ڪئي وئي آهي. چونڊن ۾ اهم مقابلو پيپلز پارٽي، ن ليگ ۽ پي ٽي آئي جي اميدوارن جو ٿيندو. جڏهن ته آزاد اميدوار به لٿل آهن. چونڊن جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ کرمنگ ۾ ڊپٽي ڪمشر جي نگراني هيٺ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي. پولنگ صبح 8 کان شام 5 وڳي تائين ٿيندي. چونڊن ۾ 27 لک کان وڌيڪ ووٽر پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪندا. چونڊن جي سيڪيورٽي جا انتطام مڪمل ڪيا ويا آهن، چئن ئي صوبن جي پوليس سميت 13 هزار اهلڪار ن کي سيڪيورٽي تي مقرر ڪيو ويو آهي.
179