اسلام آباد(م ڊ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته ناڪامي جو اعتراف ڪريان ٿو، ارب پتي پارليامينٽ ميمبرن جي ڪرپشن رياستي سرپرستي ۾ بدعنواني آهي، پنهنجي هڪ لکيل خط ۾ هن چيو ته ايف بي آر چيئرمين طور پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪريان ٿو، هڪ موقعو مليو پر ناڪام ويس، الله تعاليٰ آڏو جوابده آهيان، سموري ڪرپشن ختم ناهي ٿي، اندرئين نموني تي جاري آهي، اثاثن جي گوشوارن مان جاچڻ هڪ ذريعو آهي، هن چيو ته ارب پتي پارليامينٽ ميمبر ڄاڻين ٿا ته ڪيئن ٽيڪسن جي پلاننگ ڪرڻي آهي، اها ئي رياست جي سرپرستي ۾ ڪرپشن آهي، هن نظام ۾ بهتري لاءِ ضروي آهي ته وڌ کان وڌ معلومات سامهون آندي وڃي، هن چيو ته پاڪستان موجوده حالت ۾ ڪڏهن به بهتر نه ٿو ٿي سگهي.
181