لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ خانگي فارما ڪمپني طرفان شگر جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي شهر جي گورنمينٽ سينٽ جوزف هاءِ اسڪول ۾ شگر جي مرض بابت آگاهي سيمينار ڪرايو ويو، جنهن ۾ اسڪول جي ميل ۽ فيميل ٽيچرن سميت ٻئي عملي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سيمينار کي خطاب ڪندي شگر جي مرض جي ماهر ڊاڪٽر ۽ سينيئر ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر نديم اختر ڪورائي چيو ته هڪ سروي موجب پاڪستان ۾ شگر جي مرض ۾ مبتلا مريضن جو انگ 70 لک جي لڳ ڀڳ آهي ۽ هر چوٿين ماڻهو مان هڪ ماڻهو شگر جي مرض ۾ مبتلا آهي. هن چيو ته مٺيون شيون، بئڪري جون شيون، سافٽ ڊرنڪ، ڪولڊ ڊرنڪ سميت ٻي مٺاڻ کائڻ ۽ ورزش نه ڪرڻ سان ڪو به ماڻهو هن مرض ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو جيڪو مرض وڌڻ سان ان مريض جي حياتي به کسي ٿو، تنهن ڪري شگر جي مرض کي گهٽائڻ لاءِ احتياط ڪرڻ لازمي آهي. هن چيو ته شگر جي مرض ۾ مبتلا مريض کي روزانو جي بنياد تي ورزش ڪرڻ گهرجي، گڏوگڏ فاسٽ فوڊ، مٺيون شيون ۽ بئڪري جون شيون کائڻ کان پرهيز ڪري ان سان هن مرض تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته شگر جي بيماري جو شمار خاموش بيمارين ۾ ٿئي ٿو، جنهن ۾ ڪنهن به مريض ۾ شگر جي سطح وڌڻ جي ڪري هو موت جي به منهن ۾ وڃي سگهي ٿو. سيمينار کان اڳ اسڪول جي ميل ۽ فيميل ٽيچرن سميت عملي جون مفت ۾ شگر جي ٽيسٽ به ڪرائي وئي، جنهن ۾ کين مفت مشوار پڻ ڏنا ويا.
