269

گلگت بلتستان جي عوام پي ڊي ايم جو بيان رد ڪري ڇڏيو، حڪومت ٺاهي مئسلا حل ڪنداسين: وزيراعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان قانونساز اسيمبلي جي چونڊن جي نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آهي، هن وقت تائين 23 مان 21 تڪن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب پي ٽي آءِ 8 سيٽون کٽيون آهن، آزاد اميدوارن 7، پيپلزپارٽي 3، مسلم ليگ(ن) 2، ايم ڊبليو ايم هڪ سيٽ کٽي، ٻن تڪن جا نتيجا اڃا رهيل آهن، اڳوڻو وڏو وزير حافظ حفيظ چونڊن ۾ هارائي ويو، جڏهن ته گلگت جي اڳوڻي وڏي وزير مهدي شاهه کي پڻ شڪست ملي، ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ حڪومتي ۽ پارٽي ترجمانن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس ۾ ملڪي معاشي، گلگت بلتستان اليڪشن ۽ سياسي صورتحال تي مشاورت ڪئي وئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته گلگت بلتستان جي عوام پي ڊي ايم جو بيان رد ڪري ڇڏيو، حڪومت ٺاهي مئسلا حل ڪنداسين، اپوزيشن کي ملڪ سان ڪو غرض ناهي، رڳو پنهنجن مفادن جو فڪر آهي، اپوزيشن اڳواڻن خلاف ڪرپشن ڪيس ظاهر ڪيا وڃن، گلگت بلتستان جي پوئتي پيل علائقن ۾ ترقياتي منصوبن تي خاص توجهه ڏني ويندي، عوام جي بنيادي مسئلن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪيو ويندو، ٻئي طرف  اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته گلگت ۾ عوام (ن) ليگ جو بيان رد ڪيو، وزيراعظم جي نظريي جي صداقت تي ٺپو هنيو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته مان اڳ ۾ ئي چيو هو ته جيڪڏهن اپوزيشن چونڊن ۾ شڪست کاڌي ته اهي دانڌلي جو راڳ ڳائيندا وتندا، جڏهن ته خصوصي معاون شهباز گل چيو ته عوام مريم نواز ۽ نواز شريف جو ملڪ دشمن بيان دفن ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم تي پنهنجو اعتماد واضح ڪيو آهي، جڏهن ته خصوصي معاون ذولفي بخاري چيو ته گلگت جو عوام سان گڏ بيٺو آهي، چونڊن ۾ وڏي اڪثريت پي ٽي آءِ کي ملي، آزاد اميدوار گڏ آهن، آزاد اميدوارن جي ڪاميابي کان ڊنل ناهيون، مخالفن کي اجائي تنقيد بدران چونڊ نتيجا قبول ڪرڻ گهرجن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو