177

پيٽرول هڪ رپيو 71 پئسا، homepage 5 پئسا سستو

اسلام آباد(م ڊ) پيٽرول هڪ رپيو 71 پئسا سستو، ڊيزل هڪ رپيو 79 پئسا سستو ٿي ويو، گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جون قيمتون برقرار رکيون ويون، نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول هڪ رپيو 71 پئسا سستو ٿيڻ بعد نئين قيمت هڪ سئو رپيا 69 پئسا في ليٽر ٿي وئي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل هڪ رپيو 79 پئسا سستو ٿيڻ بعد نئين قيمت 100 رپيا 43 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي،گاسليٽ جي قيمت ساڳي 65 رپيا 29 پئسا رکي وئي، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل جي قيمت 62 رپيا 86 پئسا في ليٽر پڻ برقرار  رکي وئي، نيون قيمتون ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن، رات 12 وڳي کان نين قيمتن تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو