اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) وفاقي حڪومت ادران ۽ سرڪاري آفيسرن جي هائوسنگ سوسائٽيز ڪاروبار تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي اهڙي ڄاڻ پڻ ڏئي ڇڏي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي تي احتساب بابت مشير شهزاد اڪبر عدالت کي ٻڌايو ته ادران ۽ سرڪاري آفيسرن جي هائوسنگ سوسائٽيز جي ڪاروبار تي مڪمل پابندي لڳائڻ لاءِ حڪومت چي تجوي ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته ان ۾ڪو به شڪ نه آهي ته سرڪاري ملازمن جو هائوسنگ سوسائٽي جي ڪاروبار ۾ ملوث ٿيڻ مفادن سان ٽڪراءُ ۾ اچي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ڪوآپريٽو سوسائٽيز ايڪٽ 1925 ۽ 1918 جي رولز ۾ ترميم جي تجويز پڻ ڏني آهي، هن چيو ته
1925 واري ايڪٽ ۾ اداري جو نالو استعمال ڪرڻ تي پابندي نه هئي، هن وقت 24 سوسائٽيون ادارن جي نالن سان هلن پيون، ڪنهن اداري جي نالي سان سوسائٽي هئڻ جو مطلب اهو نه آهي ته ڪو اهو ادارو پوري ريت ان ۾ شامل هجي.