110

گورنر عمران اسماعيل پاران متاثر نينگري جي عيادت، 5 لک رپيا ڏنا

ڪراچي(م ڊ) گورنر عمران اسماعيل  ڪراچي ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ ۾ ڪشمور سانحي جو شڪار نينگري جي عيادت ڪئي ۽ سندس والده سان ملاقات ڪري وزيراعظم عمران خان جو پيغام پهچايو، ان موقعي تي قومي اسيمبلي ميمبر آفتاب صديقي، صوبائي اسيمبلي ميمبر خرم شير زمان، جمال صديقي، شهزاد قريشي، محمود مولوي ۽ عدنان اسماعيل موجود هئا، ان موقعي تي گورنر عمران اسماعيل متاثر نينگري کي 5 لک رپيا ڏنا ۽ ماءُ کي هر ممڪن مدد  جو يقين ڏياريو، گورنر عمران اسماعيل جو چوڻ هو ته نينگري جو علاج جتي بهتر ٿي سگهي اتي ڪرايو وڃي، وزيراعظم کي ان واقعي تي پڻ ڏک پهتو آهي، دلير پوليس آفيسر کي سلام پيش ڪريان ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو