238

قصور ۾ عدالت homepage9ٻارڙي ساجنسي ڏاڍائي جي جوار ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي

قصور: جينڊر بيسڊ وايوليشنhomepage9 اينڊ سول سيشن جج شاهد چوڌري جي عدالت 11 مهينن جي ٻارڙي سان جنسي زيادتي ڪندڙ جوابدار محمد رفيق ولد محمد حسين رهائش پير والا قصور کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جڏهن ته ٻارڙي جي والد کي 2 لک رپيا حرجاڻي طور ادا ڪرڻ جو حڪم ٻڌايو. سال 2019ع جي آگسٽ مهيني ۾ ٿاڻي صدر قصور جي علائقي پير والا ۾ هڪ وحشي صفت انسان محمد رفيق پير والا جي رهواسي عبدالحميد جي 11 مهينن جي ٻارڙي کي پنهنجي حوس جو نشانو بڻايو. سرڪار طرفان نقاش محمود بٽ، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر فاضل عدالت آڏو دليل ڏيندي چيو ته پاڪستان جي سطح تي ايتري گهٽ عمر واري ٻارڙي سان زيادتي جو شايد تاريخ ۾ هي پهريون واقعو آهي. هن ڀارت ۾ هڪ 9 مهينن جي ٻارڙي سان پيش آيل جنسي ڏاڍائي واري واقعي ۾ جوابدار کي موت جي سزا  ڏيڻ جو مثال پڻ پيش ڪيو. هن چيو ته سموريون شاهديون ۽ ثبوت پڻ جوابدار خلاف آهن، جنهن تي عدالت وڪيل جي دليلن کانپوءِ جوابدار کي موت جي سزا ٻڌائي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو