262

سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويو، ترجمان پاران تصديق

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آهي. ان ڳالهه جي تصديق وزيراعليٰ سنڌ جي ترجمان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڪئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته جمعي جي ڏينهن کيس هلڪو بخار محسوس ٿيو، جمعي جي نماز کانپوءِ ڪورونا جي ٽيسٽ ڪرائي جنهن جي رپورٽ پازيٽو آئي آهي. هن چيو ته ڊاڪٽرن جي هدايت تي  مون پاڻ کي آئسوليٽ ڪيو آهي. هن چيو ته هلڪو بخار آهي باقي طبيعت ڪافي بهتر آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو