277

نيب شهباز شريف خلاف وڌيڪ هڪ ٻيو ميگا ڪرپشن ڪيس کولي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيب پرائمري اينڊ سيڪينڊري صحت کاتي پنجاب لاءِ مهانگي قسم جون دوائون خريد ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي جاچ وارو ڪيس کولي ڇڏيو آهي. نيب لاهور پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ميان شهباز شريف جي دور ۾ اسپتالن لاءِ مبينا طور تي اربين رپين جون مهانگيون دوائون ۽ اسپتال جو سامان خريد ڪري قومي خزاني کي اربين رپين جو نقصان پهچائڻ واري ڪيس کي کولي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. نيب لاهور شهباز شريف جي دور ۾ مقرر صحت واري سيڪريٽري علي جان کي به ڪيس جي سلسلي ۾ 19 نومبر تي سڏائي ورتو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو