227

سکر بئراج ڪالوني ۾ حددخليون ڊاهي پٽ، رهواسين جي مزاحمت، پوليس جي لٺبازي،ڌرڻو

سکر (رپورٽ:امداد بوزدار) عدالت جي حڪم تي آبپاشي کاتي جي زمين تي قبضا ختم ڪرڻ واري حڪم بعد سکر ۾ انتظاميا جو بئراج ڪالوني ۾ حددخلين خلاف آپريشن، غير قانوني ڄاڻايل اڏاتون ڳري مشينري ذريعي ڊاهي پٽ، علائقي واسين کي پاڻمرادو حددخليون هٽائڻ لاءِ 3 ڏينهن مهلت ڏني وئي آهي، متاثرن طرفان مزاحمت، پوليس جي لٺبازي، تفصيل موجب عدالتي حڪم بعد آبپاشي کاتي سکر جي ملازمن سکر بيراج ڪالوني مان انڪروچمينٽ ذريعي تعمير ٿيل اڏواتن کي مسمار ڪرڻ لاءِ مختيار ڪار سٽي سکر جي نگراني هيٺ ڪالهه سومر ڏهاڙي صبح کان ئي ھائي ڪورٽ روڊ ۽ ورڪشاپ روڊ تان ھيوي مشينري سميت پوليس جي اٽالن ۽ سول انتظاميا سان گڏجي آپريشن شروع ڪندي گھرن، دڪانن ۽ شورومن کي ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو، رھواسين طرفان ھلڪي ڦلڪي مزاحمت ڪندڙن کي پوليس اھلڪار لٺيون ھڻي ڀڄائيندا رھيا، آپريشن شروع ٿيڻ کان اڳ ورڪشاپ روڊ طرف ايندڙ ويندڙ  سمورن رستن تي پوليس موبائل گاڏيون ۽ بڪتر بند سميت بيريئر ھڻي رستا بند ڪيا ويا ھئا، متاثرين طرفان امڪاني گڙ ٻڙ کي منھن ڏيڻ لاءِ ڊي ايس پي سٽي الاهي بخش سومرو، ڊي ايس پي روهڙي، ڊي ايس پي سائيٽ عبدالستار ڦل جي اڳواڻي ۾ پوليس اھلڪار سيڪورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ موجود ھئا، جڏهن ته ايس  ايس پي سکر عرفان علي سمون پڻ آپريشن جو جائزو وٺڻ لاءِ پھتو، آپريشن سبب سيپڪو طرفان علائقي جي بجلي شام چئين  وڳي کان بعد بحال ڪئي وئي، ڪيترائي رھائشي پنھنجن پنھنجن گھرن مان پاڻمرادو سامان ڪڍندي نظر آيا، انڪروچمنٽ خلاف آپريشن ڪندڙ انتظاميه جو چوڻ ھو ته مڪمل آپريشن ٿيڻ تائين ڪاروائي جاري رهندي، جڏهن ته ايريگيشن ڪالوني ۾ گهر ڊاهڻ خلاف رهواسين وي آءِ پي روڊ تي ڌرڻو هنيو، رهواسين جو چوڻ هو ته سالن کان هتي آباد آهيون، ڪو به متبادل نه پيو ڏنو وڃي، متبادل جايون ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي ڌرڻو جاري رهندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو