229

جسٽس قيصر رشيد وقتي چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ جي عهدي جو حلف کڻي ورتو

پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) جسٽس قيصر رشيد خان وقتي چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ جي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان جسٽس قيصر رشيد خان کان وقتي چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ جي عهدي جو حلف ورتو. گورنر هائوس پشاور ۾ رٿيل حلف برداري تقريب ۾ وزيراعليٰ خيبرپختونخواهه محمود خان، صوبائي وزير تيمور سيلم جهگڙا، شوڪت يوسفزئي، اطلاعات وارو وزير ڪامران بنگش، ججز ۽ وڪيلن سميت ٻيا شريڪ ٿيا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو