اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم نوجوانن جي روزگار لاءِ نيشنل جاب پورٽل قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيشنل جاب پورٽل سان نوجوانن کي سڄي ملڪ ۾ نوڪرين جا موقعا ميسر ايندا. ڪالهه سومر ڏينهن جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان خاص صلاحڪار عثمان ڊار ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خاص معاون عثمان ڊار ڪامياب جوان پروگرام بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ڪامياب جوان پروگرام ۾ قرضن جي فراهمي بابت اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. عثمان ڊار وزيراعظم کي نيشنل جاب پورٽل بابت پڻ تفصيلي آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ ٽائيگر فورس جي حوالي سان مختلف معاملن تي مشاورت ڪئي وئي. ملاقات دوران ڪورونا جي وڌندڙ صورتحال جي ڏس ۾ ٽائيگر فورس کي ٻيهر ذميواريون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته نوجوان ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ پي ٽي آءِ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. نوجوانن بابت خاص معاون عثمان ڊار چيو ته وزيراعظم جي ويزن موجب نوجوانن کي باعزت روزگار جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.
255