253

ڀارت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو مستقل ميمبر بڻجڻ جي اهل ناهي: پاڪستان

گڏيل قومون (ويب ڊيسڪ) پاڪستان چيو آهي ته ڀارت ڪشمير تي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي سرعام ڀڃڪڙي سبب گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو مستقل ميمبر بڻجڻ جو اهل ناهي، ان کان علاوه ڀارت ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۾ 20 کان وڌيڪ جنگن ۾ ملوث رهيو آهي ۽ سڄي خطي ۽ خاص طور تي پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ عدم استحڪام ۾ سهڪار ڪري رهيو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ۾ ان موقف جو ورجاءُ ڪيو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ۾ اضافي لاءِ نون مستقل ميمبرن ۾ ڀارت کي شامل ڪرڻ جي ڀرپور مخالفت ڪئي ويندي ڇو جو ڀارت 15 ميمبرن جي نئين تجويز ڪيل سلامتي ڪائونسل جو ميمبر بڻجڻ جي اهليت نٿو رکي جنهن جو بنيادي سبب والاريل ڪشمير تي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي کلم کلا ڀڃڪڙي آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي پاڪستاني سفير منير اڪرم ڀارت جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته برازيل، جرمني ۽ جاپان (جي فور) ملڪ سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبر لاءِ مهم هلائي رهيا آهن. هن چيو ته ڀارت ڏکڻ ايسيائي ملڪن ۾ 20 کان وڌيڪ جنگين ۾ ملوث رهيو آهي ۽ سڄي خطي ۽ خاص طور تي پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ عدم استحڪام ۾ سهڪار ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسان وٽ ڀارتي رياستي دهشتگردي جا ناقابل ترديد ۽ واضح ثبوت آهن. هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير بابت گڏيل قومن جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي جنهن سان ڪشميري عوام کي خوداراديت واري حق کان روڪي عالمي اداري جي ٺهرائن مطابق ڪشميرين کي پنهنجي فيصلي جي حق کان محروم رکيو پيو وڃي. منير اڪرم وڌيڪ چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ عوام جي آزادي جي جائز جدوجهد کي روڪڻ لاءِ 9 لک کان وڌيڪ فوجي مقرر ڪيا آهن جيڪي اتي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙيون ڪري رهيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو