205

پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پراڻا لاڳاپا خطي جي معاشي ۽ سماجي ترقي لاءِ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن: صادق سنجراڻي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا خطي جي معاشي ۽ سماجي ترقي لاءِ نئين عهد ۾ داخل ٿي چڪا آهن، پاڪستان چين سان پنهنجي بي مثال دوستي تي فخر ڪندو آهي، پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان گڏيل لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي سفير نونگ رونگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سينيٽ جي چيئرمين پاڪستان ۾ نئين مقرر ٿيڻ واري چين جي سفير لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا خطي جي معاشي ۽ سماجي ترقي لاءِ نئين عهد ۾ داخل ٿي چڪا آهن، پاڪستان چين سان پنهنجي بي مثال دوستي تي فخر ڪندو آهي، هن چيو ته پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان گڏيل لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، پارلياماني سفارتڪاري اهم ٻه طرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪندي آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اداره جاتي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت آهي، سينيٽ جي چيئرمين چيو ته سي پيڪ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي استحڪام ۽ علائقائي ترقي جي لاءِ گڏيل ويزن جو نتيجو آهي، علائقائي خوشحالي جو خواب شرمنده تعبير ڪرڻ لاءِ ڀرپور سگهه موجود آهي، عوامي سطح تي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ استحڪام ڏيڻ سان پراڻي حصيداري وڌيڪ مضبوط ٿيندي . ان موقعي تي چين جي سفير نونگ رونگ سينيٽ جي چيئرمين جي موقف کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان چين جي لاءِ انتهائي اهم ملڪ آهي، ٻنهي ملڪن جو ترقي ۽ خوشحالي جو ويزن گڏيل آهي، هن چيو ته پارلياماني، سياسي ۽ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ استحڪام ڏيڻ جي ضرورت آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو