161

پاڪ بحريه جي سربراهه سان چيني سفير نونگ رونگ جي ملاقات، خطي جي سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان سان پاڪستان ۾ مقرر چين جي سفير نونگ رونگ نيول هيڊ ڪوارٽرز ۾ ملاقات ڪئي. جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت خطي جي سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پاڪ بحريه جي ترجمان مطابق نيول چيف خطي جي سامونڊي سيڪيورٽي ۾ پاڪ بحريه جي ڪردار تي روشني وڌي. امير البحر چيني سفير کي پاڪستان ۾ نيون ذميداريون سنڀالڻ تي واڌايون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. چيني سفير خطي ۾ سامونڊي سيڪيورٽي جي استحڪام جي لاءِ پاڪ بحريه جي ڪوششن کي واکاڻيو. ڌرين ٻنهي دوست ملڪن خاص طور تي سامونڊي فوجن وچ ۾ خوشگوار ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ واري عزم کي پڻ ورجايو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو