262

پي ٽي آءِ کي خيرات ۾ ڪجهه سيٽون مليون، سادي اڪثريت حاصل نه ڪرڻ شرمناڪ شڪست آهي: مريم نواز

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز گلگت بلتستان چونڊن ۾ دانڌلي جو الزام هڻندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي خيرات ۾ ڪجهه سيٽون مليون، سادي اڪثريت حاصل نه ڪرڻ شرمناڪ شڪست آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته گلگت بلتستان چونڊن ۾ دانڌلي ٿي آهي، پي ٽي آءِ کي مليل سيٽون سليڪٽرز جي ڪري ممڪن بڻيون، دانڌلي ۽ مسلم ليگ(ن) جي ٽوڙيل اميدوارن جي ڪري ڪجهه سيٽون مليون، سموري رياستي طاقت ۽ حڪومتي ادارن جو زور هو، مريم نواز جو وڌيڪ چوڻ هو ته سرڪاري مشينري جو زور ڪرائڻ ۽ بدترين دانڌليون ڪرائڻ باوجود زبردستي وفاداريون تبديل ڪرايون ويون، گلگت بلتستان ۾ پي ٽي آءِ جو اڳ ۾ ڪو به وجود نه هو ۽ نه هاڻي آهي، واري جي ڀت هاڻي ڪرڻ واري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو