اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني نيوزي لينڊ جو دورو ڪندي. جتي هو ميزبان ٽيم خلاف 3 ٽي ٽونٽي انٽرنيشنل ۽ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. نيوي لينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني پاڪستان خلاف تجويز ڪيل سيريز جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن تحت ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ پهرين 3 ٽي ٽونٽي انٽرنيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏي ويندي جنهن جي پهرين ميچ 18 ڊسمبر تي ايڊن پارڪ، لوڪلينڊ ۾ کيڏي ويندي، ٻئي ميچ 20 ڊسمبر تي سيڊن پارڪ، هملٽن ۾ جڏهن ته ٽئين ۽ آخري عالمي ٽي ٽونٽي ميچ 22 ڊسمبر تي مڪلين پارڪ، نيئپر ۾ کيڏي ويندي.
168