211

اي ايس آءِ محمد بخش کي سنڌ پوليس پاران شاهي پروٽوڪول ۽ گارڊ آف آرنر پيش، 20 لک انعام

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪشمور جي اي ايس آءِ محمد بخش جي اعزاز ۾ ڪراچي سينٽرل پوليس آفيس  ۾ تقريب، ڀيٽا پيش، بگي ۾ گهمايو ويو،  20 لک رپيا انعام جو اعلان، رپورٽ موجب ماءُ ۽ معصوم ڌيءَ سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پنهنجي نياڻي سان گڏ آپريشن ڪرڻ تي انعام ڏنو ويو، اي ايس آءِ محمد بخش لاءِ سينٽرل پوليس آفيس ۾ تقريب ٿي، گهرڀاتين سان گڏ بگي ۾ سي پي او آندو ويو، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر اي ايس آءِ محمد بخش جو پاڻ استقبال ڪيو، پنهنجي خطاب ۾ کيس ڀيٽا پيش ڪئي، آءِ جي مشتاق مهر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هي منفرد واقعو آهي، پوليس آفيسر جي بهادر ڌيءَ کي سلام پيش ڪريان ٿو، سنڌ پوليس جي تاريخ قربانين سان ڀري پئي آهي، اي ايس آءِ لاءِ 20 لک رپيا انعام جو اعلان ڪريان ٿو، اسان کي پنهنجي بهادر پوليس اهلڪارن تي فخر آهي، پوليس آفيسرن لاءِ تمغه شجاعت جي سفارش ڪئي آهي، تقريب کي خطاب ڪندي ترجمان سنڌ حڪومت مرتضيٰ وهاب چيو ته اي ايس آءِ محمد بخش کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، وڏي وزير مراد علي شاهه کي پاڻ هتي اچڻو هو پر ڪورونا سبب شرڪت نه ڪري سگهيو، شمور واقعو ٻڌائي ٿو ته محمد بخش ۽ سندس ڌيءَ جي صورت ۾ اسان جي معاشري ۾ احساس زندهه آهي، قانونسازي ڪري سنڌ کي مثالي صوبو بڻائينداسين، تقريب کي خطاب ڪندي اي ايس آءِ محمد بخش پنهنجي جذبات تي ڪنٽرول نه ڪري سگهيو، سندس اکين مان ڳوڙها وهي آيا، حوصلاافزائي تي آءِ جي سنڌ ۽ صوبائي حڪومت جو ٿورو مڃيو، هن چيو ته معصوم نينگري جي حالت بيان ڪرڻ جهڙي نه هئي، آپريشن ڪندڙ ڊاڪٽر به نينگري کي ڏسي 6 ڪلاڪ روئيندو رهيو، هن چيو ته سنڌ ۾ ڪاروڪاري جي نظام باوجود جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڌيءَ پيش ڪئي، بعد ۾ تقريب کانپوءِ پوليس آفيسر محمد بخش گهرڀاتين سان گڏ متاثر نينگري ۽ والده جي عيادت ڪئي، ان دوران جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو