190

رمضان شگر ملز ريفرنس: شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف ٻڌڻي پهرين ڊسمبر تائين ملتوي

لاهور (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف رمضان شوگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي پهرين ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي استغاثه جي گواهن سوڌو هوم سيڪريٽري ۽ ايس پي سيڪيورٽي لاهور کي عدالتي شوڪاز جي داخل ٿيل جواب تي ڪارروائي لاءِ ٻيهر طلب ڪري ورتو آهي. احتساب عدالت جي جج امجد نذير چوڌري جي موڪل تي هجڻ جي ڪري ڊيوٽي جج اسد علي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي ٻڌڻي تي جوڊيشل رمانڊ ختم ٿيڻ تي حمزه شهباز کي سينٽر جيل ڪوٽ لکپت کان سخت پهري هيٺ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جڏهن ته عدالت ان ڪيس ۾ شهباز شريف کي حاضري کان ڇوٽ ڏئي رکي آهي، سندس جاءِ تي سندس وڪيل حاضري لڳرائي. عدالت گذريل هڪ شنوائي تي حمزه جي عدم پيشي تي هوم سيڪريٽري ۽ ايس پي سيڪيورٽي لاهور کي عدالتي شوڪاز نوٽيس جي داخل ٿيل جواب تي ڪارروائي به ايندڙ شنوائي تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ ڌرين کي ٻيهر طلب ڪري ورتو. عدالت حمزه شهباز جي جوڊيشل رمانڊ ۾ پهرين ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو