گلگت(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ دانڌلي خلاف احتجاج ڪيو، ڌرڻا هنيا ويا، ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ، رپورٽ موجب غذر ضلعي ۾ ياسين هنڌ وٽ گلگت کان ايندڙ شاهراهه تي مظاهرين ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ۽ شديد نعريبازي ڪئي، وڏي انگ ۾ ڪارڪنن آر او آفيس ٻاهران ڌرڻو هنيو، ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون، جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ روڊ بلاڪ ٿي ويو، مختلف هنڌن تي مظاهرين ۽ پوليس اهلڪارن ۾ روڊ کولرائڻ تان چڪريون ٿيون، روڊ بند هجڻ سبب مسافر پريشان ٿي ويا، مظاهرين جو چوڻ هو ته گلگت ۾ دانڌلي ڪري پي ٽي آءِ کي کٽرايو ويو آهي، چونڊ نتيجا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا.
147