152

پي آءِ اي جا 3500 ملازمن کي رضاڪاراڻي طور رٽائر ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) اقتصادي رابطا ڪاميٽي پي آءِ اي جا ساڍا 3 هزار ملازم رضاڪاراڻي طور رٽائر ڪرڻ جي فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ناڻي بابت صلاحڪار حفيظ شيخ جي سربراهي ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي آءِ اي ملازمن جي رضاڪاراڻي رٽائرمينٽ اسڪيم جي منظوري ڏني وئي، رضاڪاراڻي رٽائرمينٽ اسڪيم لاءِ 12 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته فيصلي سان پي آءِ اي کي ساليانو 4 ارب رپيا بچت ٿيندي، فيصلي جي حتمي منظوري وفاقي ڪابينا ڏيندي، اي سي سي ڪامياب جوان پروگرام لاءِ 5 ڪروڙ 30 لک رپيا منظور ڪيا، جڏهن ته گهرو وزارت ۽ دفاع جي لاءِ ٽيڪنيڪل گرانٽس جي منظوري ڏني وئي، سمارٽ ڪارڊ مقامي سطح تي تيار ڪرڻ جي لاءِ خصوصي ڪاميٽي قائم ڪئي وئي، صنعت واري وزير حماد اظهر جي سربراهي ۾ ڪاميٽي ٻن هفتن ۾ پنهنجيون سفارشون تيار ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو