148

قائداعظم جي مزار جي بي حرمتي واري ڪيس ۾ دليل مڪمل، فيصلو محفوظ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مقامي عدالت مزار قائد بيحرمتي ڪيس ۾ ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد پوليس جي رپورٽ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته قتل جون ڌمڪيون ۽ سرڪاري ملڪيت کي نقصان پهچائڻ جا قلم خارج ڪري ڇڏيا آهن، فريادي وقاص احمد موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت جي دٻاءُ سبب جاچ آفيسر معاملي جو رخ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، پوليس جي چالان مان لڳي ٿو ته مزار قائد تي ڪجهه ٿيو ئي ناهي، پوليس ڪيس بي ڪلاس ڪرڻ بابت رپورٽ جمع ڪرائي هئي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 18 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو