لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ق) جي صدر چوڌري شجاعت حسين جي طبيعت ۾ بهتري اچي وئي آهي، جنهن کانپوءِ 11 ڏينهن بعد کيس سروسز اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو آهي، هوڏانهن صدر مملڪت عارف علوي سروسز اسپتال پهچي چوڌري شجاعت حسين جي عيادت ڪئي، ان موقعي تي صدر عارف علوي جو چوڻ هو ته چوڌري شجاعت حسين جو سياست ۾ پنهنجو مقام آهي، هو سڀني سان ملڻ وارو ماڻهو آهي.
