واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ هڪ ٻي ڪورونا وائرس ويڪسين جا ٽرائل ڪامياب ٿي ويا آهن، هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ويڪسين وبائي مرض جي خلاف 95 سيڪڙو تائين تحفظ فراهم ڪري رهي آهي، مرض جي تحفظ جي شرح 30 هزار ماڻهن جي ٽرائل بعد سامهون آئي آهي، اهو اڃا نٿو چئي سگهجي ته ويڪسين جو اثر گهڻي دير تائين رهي ٿو، اها نئين ويڪسين به آمريڪي دوا ٺاهيندڙ ڪمپني موڊرنا تيار ڪئي آهي.
249