280

بشريٰ انصاري جي ڌيءَ ميرا انصاري ٻي شادي ڪري ورتي

ڪراچي (شوبز نيوز) سينيئر اداڪاره بشريٰ انصاري جي ڌيءَ ماڊل ۽ اداڪاره ميرا انصاري ٻي شادي ڪري ورتي آهي، ميرا انصاري انسٽاگرام تي پنهنجي شادي جون تصويرون شيئر ڪيون، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هو شادي واري وڳي سان پنهنجي مڙس سان گڏ بيٺل آهي، شادي جي تقريب آمريڪي شهر نيويارڪ ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ اداڪاره جي خاندان ۽ ويجهن دوستن شرڪت ڪئي. واضح رهي هي ميرا انصاري جي ٻي شادي آهي، پهرئين مڙس مان کيس هڪ پٽ ۽ ڌيءَ جو اولاد آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو