268

حيدرآباد ۾ ڪرڪيٽ جون رونقون بحال ڪرائڻ لاءِ انٽرنيشنل مئچ ڪرائڻ جو مطالبو

حيدرآباد  (بيورو رپورٽ) ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ چيو آهي ته حيدرآباد ۾ جلد ڪا انٽرنيشنل يا پي ايس ايل جي ميچ منعقد ڪرائي وڃي ته جيئن ڪرڪيٽ جون رونقون ماضي وانگر بحال ٿي سگهن. اهڙو اظهار هن جنرل مينيجر ايڇ آر اينڊ ايڊمنسٽريشن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ  ڪرنل (ر) اشفاق احمد سان گڏ نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ انٽرنيشنل ۽ پي ايس ايل جون ميچون ڪرائڻ جي سلسلي ۾ گرائونڊ ، سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻين مامرن جو جائزو وٺڻ دوران ڪيو. ان موقعي تي  ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو، پاڪ فوج ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جاعملدار به موجود هئا. ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ جو چوڻ هو ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ جي تاريخ  ۾ حيدرآباد کي وڏي حيثيت حاصل آهي حيدرآباد پوري پاڪستان جو زرعي حب به آهي جڏهن ته آب هوا ۽ جاگرافي جي لحاظ کان تمام اهميت جو حامل آهي. ڪراچي جي ڀيٽ ۾ هتي گدلاڻ (حبس) جا مسئلا به گهٽ آهن  جڏهن ته ائيرپورٽ، هوٽلن ۽ ٻين بنيادي ضرورتن جو به ڪو مسئلو  ناهي. ان موقعي تي هن رٽائرڊ ڪرنل اشفاق احمد جنرل مينيجر ايڇ آر اينڊ ايڊمنسٽريشن پاڪستان ڪرڪيٽ  بورڊ کي چيو ته حيدرآباد ۾ جلد ڪا انٽرنيشنل يا پي ايس ايل جي ميچ منعقد ڪرائي وڃي ته جيئن ڪرڪيٽ جون رونقون ماضي وانگر بحال ٿي سگهن جنهن سان لازمي طور تي حيدرآباد جي معاشي سرگرمين تي به تمام سٺو اثر پوندو جڏهن ته نياز اسٽيڊيم  جي انفرااسٽرڪچر سميت سموريون سهولتون اميد کان بهتر آهن. هن چيو ته هو حيدرآباد ۾ ميچون منعقد ڪرائڻ  ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو  ۽ ان ڏس ۾ بورڊ چيئرمين کي آگاهه ڪندو. ان موقعي تي هن حيدرآباد ڪلب ، اسپورٽس ڪلب سميت نياز اسٽيڊيم جي تمام حصن جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ لاڳاپيل اختيارين کان اسٽيڊيم  جي بحالي جي سلسلي ۾ بريفنگ پڻ ورتي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو