144

سنڌ يونيورسٽي ۾ برداشت جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو، ليڪچر پروگرام منعقد

ڄامشورو (ڊر) رواداري ۽ برداشت جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو دنيا ۽ ملڪ سوڌو ۾ ڄامشوري ۾ به رواداري جي موقعي تي پھل پاڪستان طرفان سنڌ يونيورسٽي جي ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز شعبي جي سهڪار سان هڪ ڏينهن جو ليڪچر پروگرام ڪرايو ويو جنهن ۾ شعبي جي استادن، آفيسرن، شاگردن، شاگردياڻين ۽ ملازمن سوڌو ڄامشورو جي صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر بشير ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته اسان تمام گهڻا پراميد آهيون ته جديد دور ۾ هڪ ڳوٺ جي شڪل اختيار ڪري ويل دنيا ۾ روادار پروان چڙهي رهي آهي، جنهن جي اسان جي مفڪر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪيترا سال اڳ پرچار ڪئي جنهن لاءِ دنيا هن وقت جاکوڙي رهي آهي. اسان استاد ۽ شاگرد گڏجي ڪري عالمي طور تي رواداري جو ڏينھن ملهائي رهيا آهيون ان ڳالهه جو ٻين لفظن ۾ مقصد اهو ٿيو ته اسان رواداري ۾ يقين رکون ٿا جيڪا اسان کي پنهنجي دين ۾ پڻ سيکاري وئي آهي ته اسان دنيا جي سڀني قومن جي عوام کي برابر سمجهون ٿا، انهن جي عزت ۽ احترام ڪيون ان کان علاوه رنگ ۽ نسل جي بنياد تي ڪنهن کان به نفرت نه ڪيو ۽ نه ئي وري ڪنهن جا حق کائو، ان کان اڳ شعبي جي استادن ڊاڪٽر ذوالفقار قريشي، ڊاڪٽر راشد کهڙو، محمد صديق سومرو، ڊاڪٽر شازيا، ڊاڪٽر قاسم نظاماڻي، لياقت عمراڻي، جان عالم سولنگي، پهل پاڪستان جي ڪو آردينيٽر اظهر نواز وڳڻ، فرح علي، نازيا سولنگي، زارا گورچاڻي، ڪونج ڀٽي سوڌو شعبي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته رواداري لاءِ اسان سوڌو هر ماڻهو کي پنهنجو ۽ پنهنجي گهر کان ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اسان کي گڏجي امن ۽ رواداري جو پيغام پهچايون. ان موقعي تي سوالن جوابن جي نشست پڻ ڪئي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو